وزيراعظم، معيد يوسف کي وفاقي وزير جو درجو ڏئي ڇڏيو

0
329

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان، خاص مددگار معيد يوسف کي وفاقي وزير جو درجو ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان قومي سلامتي جي لاءِ خاص مددگار معيد يوسف کي صلاحڪار بڻائي کيس وفاقي وزير جو دردجو ڏئي ڇڏي آهي، اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. وزير اعظم جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن فوري طور لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن بعد معيد يوسف قومي سلامتي واري صلاحڪار طور ڪم ڪندو.