ارسا پاران سنڌ کي منگلا مان 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جو فيصلو

0
369
پنجاب کان سنڌ ڏانهن

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ارسا پاران سنڌ کي منگلا مان 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ارسا پاران منگلا جو لهوارو وهڪرو 50 هزار بدران 58 هزار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ويو آهي ته سنڌ کي پنجند وٽان 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو وڃي. ارسا جي ڊائريڪٽر آپريشن خط لکي پاڻي ڏيڻ جي هدايت ڪئي، طڀ ۾ چيو ويو آهي ته خشڪ موسم سبب تربيلا ۾ پاڻي موجود نه آھي، تنهنڪري سنڌ جي انڊيٽ جي پورائي لاء منگلا مان 27 مئي تائين پاڻي ڏنو وڃي.