سامونڊي طوفان بنا ڪنهن نقصان جي سنڌ جي ساحلي حد ٽپي ويو

0
248

ڪراچي: پي ڊي ايم اي سنڌ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سامونڊي طوفان تاڪ تئي بنا ڪنهن نقصان جي سنڌ جي ساحلي پٽي جي حدن مان ٽپي ويو. پي ڊي ايم اي پاران سنڌ جي مختلف ضلعن جي انتظامي آفيسرن کي اهڙو خط پڻ لکيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي موجب سامونڊي طودفان سبب سنڌ ۾ ڪٿي به نقصان جا اطلاع ناهن مليا. سامونڊي طوفان گذرڻ باوجود ڪراچي سميت سنڌ جي ساحلي پٽي تي شديد گرمي ۽ گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ تيز هوائن سان گڏ برساتن جو به امڪان آهي.