ورڪشاپ ۾ ليڊي ٽيچر مبينا هراسان: استادن تي وڊيو ڀرڻ ۽ حملو ڪري زخمي ڪرڻ جا الزام

0
96
ورڪشاپ ۾ ليڊي ٽيچر مبينا هراسان: استادن تي وڊيو ڀرڻ ۽ حملو ڪري زخمي ڪرڻ جا الزام
ورڪشاپ ۾ ليڊي ٽيچر مبينا هراسان: استادن تي وڊيو ڀرڻ ۽ حملو ڪري زخمي ڪرڻ جا الزام

ورڪشاپ (رپورٽ: غلام قادر شر) ورڪشاپ ۾ ھائر سيڪنڊري اسڪول جي ليڊي ٽيچر مبينا هراسان، استادن تي وڊيو ڀرڻ ۽ حملو ڪري زخمي ڪرن جا الزام، اين سي داخل

خبر موجب ھائير  سيڪنڊري اسڪول جي ليڊي ٽيچر فرخندا شاھين هتي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙھيو ته کيس ھائير سيڪنڊري اسڪول جا استاد راجا نديم، فاروق احمد، رياض ۽ وسيم شر کيس مختلف طريقن سان هراسان ڪري رھيا آھن، هن ٻڌايو ته ڪالهه هوءَ جيئن ئي ڪلاس ۾ پڙھائي رھي ھئي ته اتي موجود استاد راجا نديم سندس وڊيو ٺاھي رھيو ھو، جنهن کي هن منع ڪئي ته استاد حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ زخمي ڪيو

هن چيو ته شاگردن جي وچ ۾ پوڻ تي معاملو ٽري ويو، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ليڊي ٽيچر جي فرياد تي الزام ھيٺ آيل استادن مٿان ورڪشاپ ٿاڻي تي  اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي ھلندڙ خبرن جو ڊي اي او سرور راجپوت نوٽيس وٺي مامري جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر نصير احمد جوڳي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کيس ان مامري بابت ڪا به ڄاڻ ناھي.

ڊي اي او پاران تنبيهه ڪرڻ تي فرخندا ڪاوڙ ۾ اچي الزام هنيا: استاد

الزام ھيـٺ آيل استادن راجا نديم، فاروق احمد، رياض ۽ وسيم شر پاڻ مٿان لڳايل سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا، هنن چيو ته ڪالهه اسڪول ۾ ڊي اي او انسپڪشن تي آيل ھو، جنهن کي ليڊي ٽيچر الزام ھيـٺ آيل استادن جي شڪايت ڪئي ته ھو شاگردن مٿان تشدد ڪن ٿا

جڏھن ڊي اي او شاگردن کان معلوم ڪيو ته انهن ليڊي ٽيچر جي الزامن کي بي بنياد قرار ڏنو ۽ ڊي اي او شڪايت ڪندڙ ٽيچر کي تنبيهه ڪئي ته اجايو شڪايتون نه ڪيون وڃن

جنهن تي تعش ۾ اچي فرخندا شاھين پريس ڪانفرنس ڪري استادن مٿان الزام مڙھيا آھن، جن ۾ ڪا به صداقت ناھي، ھائر سيڪنڊري اسڪول جي ھيڊ ماستر غلام محمد لغاري پڻ سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو ته اھڙو ڪو به مامرو ناھي ٿيو، سمورا الزام بي بنيادآھن