هالا ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران شهرين مبينا چور کي سوگهو ڪري ورتو

0
322

هالا (رپورٽر) هالا ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران شهرين مبينا چور کي سوگهو ڪري ورتو، ميربحر گهٽي ۾ شهرين طرفان پڪڙيل چور مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪيو ويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته دڪاندار عزيز ميمڻ جي گهر ۾ لڳل سي سي ٽي وي فٽيجز ذريعي چوري جي خبر پئي، شهرين گڏجي چور کي سوگهو ڪيو ۽ چوري ڪيل سامان هٿ ڪري ورتو، چور جي سعيد آباد واسي سجاد علي ملاح طور سڃاڻپ ٿي، هالا پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد چور خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.