نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ پاھڙ خان جمالي ۾ جمالي برادري جي  ٻن ڌرين ۾ ڦٽين جي چونڊي تان جھيڙو  ٿي پيو، جنهن ۾ لٺين جو آزادانا استعمال ڪيو ويو ۽ فائرنگ به ڪئي وئي.  نتيجي  ٻن عورتن 3 ڄڻا مسمات شفاعت، حليمان۽ جمن جمالي سخت زخمي ٿي پيا. پوليس پھچي وڌيڪ جھيڙو روڪرائي زخمين کي تعلقي اسپتال نيوسعيدآباد آندو. جتي فوري طبي امداد بعد زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ لمس حيدرآباد مبتقل ڪيو ويو. واقعي جي نيوسعيدآباد ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي ويئي آھي.