نيب پاران سنڌ حڪومت کان ملازمن جا تفصيل طلب ڪرڻ وارو عمل آئين جي ابتڙ قرار

0
405
واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) نيب پاران سنڌ حڪومت کان ملازمن جا تفصيل طلب ڪرڻ وارو عمل آئين جي ابتڙ قرار ڏنو ويو آھي، قانوني ماهرن نيب جي سنڌ سرڪار کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻهراڙي جَي ملازمن جا تفصيل طلب ڪرڻ وارو عمل آئين جَي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو آھي، سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل نثار ڀنڀرو، شهباب اوستو، شاهد سومرو ۽ ٻين قانوني ماهرن تائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آئين ۽ قانون ۾ نيب کي اِهو اختيار ئي ناهي ته صوبائي حڪومت کي بلڊوز ڪري فيصلو ڪري ته سرڪاري آفيسر ڪٿي مقرر ٿيندا، وفاقي حڪومت نيب کي صوبائي معاملن ۾ مداخلت جِي درخواست نٿي ڏئي سگهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ ائين ٿيو آهي ته اِهو ٿيو آهي آئين ۽ قانون ۽ صوبائي خودمختياري جَي ابتڙ آهي.
اياز پليجو ڇا ٿو چوي:
ڪراچي: قومي عوامي تحريڪ جَي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي جَن معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي، اُن تي خاموش آهي، جتي کين مداخلت جو اختيار ناهي، اُتي مداخلت ٿي ڪري، نيب سنڌ جَي هزارين سالن جي تاريخ کي چئلينج پيو ڪري، آئين ۽ قانون صوبائي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت ئي نه ٿا ڏين، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجو چيو ته نيب جو ملازمن بابت رڪارڊ گهرڻ آئين ۽ قانون جي ابتڙ آهي، جنهن جي هر فورم تي مذمت ۽ مزاحمت ڪنداسين..
ايس ٽي پي سربراھ قادر مگسي ڇا چيو:
ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته نيب سڀ چور پڪڙي ڇڏيا، ملڪ ۾ ڦرلٽ جا ذميوار وائکا ڪري ڇڏيا هاڻي اچي سنڌ تي يلغار ڪئي اٿئون، ايس ٽي پي سربراهه وفاق ۽ نيب جو صوبائي معاملن ۾ مداخلت سنڌ تي صوبائي خودمختياري تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ حڪومت جي لاپرواهي سبب سنڌ جي ماڻهن جو استحصال ٿي رهيو آهي، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ اياز لطيف پليجو طرفان عيد بعد قومپرست تنظيمن سان گڏجي معاملي تي تحريڪ هلائڻ تي غور ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي..