نوشهروفيروز (رپورٽر) ٺاروشاهه لنڪ روڊ تي حادثو، عورت فوت، ٻه زخمي ٿي پيا. عيد واري ڏھاڙي تي ٺاروشاهه کان نوشھروفيروز طرف ايندڙ مڇر اسٽاپ وٽ ھڪ ڪار راھگير کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار عورت مھوش عالماڻي مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي وئي ۽ ڪار ڊرائيور شاھزيب عالماڻي ۽ راھگير آچر وسطڙو زخمي ٿي پيا جڏھن ته ڪار ۾ سوار چار ٻارڙا معجزاڻي طور محفوظ رھيا. زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمي آچر وسطڙو جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کيس نوابشاھ منتقل ڪيو ويو