نور مقدم قتل ڪيس: اڳوڻن سفيرن جي تنظيم پاران جوابدار جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو

0
308
ناري نور مقدم جو قتل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻن سفيرن جي تنظيم طرفان نور مقدم جي قتل جي مذمت، چيف جسٽس آف پاڪستان کان انصاف ۽ قاتل کي مثالي سزا ڏيارڻ جو مطالبو، اڳوڻن سفيرن جي تنظيم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسلام آباد پوليس جوابدار جي اڳوڻي رڪارڊ کي جاچ ۾ شامل ڪري، جوابدار کي ٻٽي شهريت هجڻ سبب پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ گهرجي، نور مقدم قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، اسلام آباد جي ايف سَيوِن فور واري علائقي ۾ اڳوڻي سفير جي ڌيءُ نور مقدم کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو.