نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ويجھو داداڀائي وٽ ڳوٺ تي پوليس ۽ خانگي ھٿياربندن ڌار ڌار ڪاھ ڪري ڳوٺ جي چڱي مڙس کي ٻن پٽن سميت کنڀيو ويو، بعد ۾ پٽن کي آزاد ڪري پيءُ کي پوليس گرفتار ڪري وئي، ھٿياربندن ڳوٺ تي ڪاھ ڪري عورتن تي تشدد ڪرڻ کانپوءِ لوڙھن کي باھيون ڏئي ڇڏيون.ان ڏس ۾ ڳوٺ حيدر بخش پالاري تي چئن پوليس موبائيلن ۾ سوار پوليس اھلڪارن چڙھائي ڪري ڳوٺ جي نيڪ مرد حيدر پالاري ۽ سندس ٻن پٽن خانصاحب پالاري ۽ مير زمان پالاري کي کنڀي کڻي وئي. پوليس اھلڪار جھمپير روڊ تي گهوگهڙي درگاھ وٽ اکيون ٻڌي ٻنھي ڀائرن کي آزاد ڪري حيدر بخش پالاري کي پاڻ گڏ کڻي ويا، جنھن کي بعد ۾ نوري آباد پوليس گرفتاري ظاھر ڪئي. ٻئي پاسي بگٽي برداري سان تعلق رکندڙ ھٿياربندن ڳوٺ تي ڪاھ ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ جي لوڙھي کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. ڳوٺاڻن خانصاب پالاري مير زمان پالاري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو تـ سندن ڳوٺ جي زمين تي با اثرن جي نظر آھي، جيڪي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ حاجي درمحمد پالاري ذريعي ڪيترائي ڀيرا ڌمڪيون ڏئي چڪا آھن. نوري آباد پوليس با اثرن جي چوڻ تي ڳوٺ تي چڙھائي ڪري والد سميت کنڀي کڻي وئي . ھنن چيو تـ پوليس ڪاھ کانپوءِ حاجي درمحمد پالاري جي اڳواڻي ۾ بگٽي برداري سان تعلق رکندڙ هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري لوڙھن کي باھيون ڏئي ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي عورتن طرفان مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن عورتن تي تشدد پڻ ڪيو آھي. ھنن پ پ پ قيادت کان مطالبو ڪيو ته ناانصافي جو نوٽيس وٺي کنڀيل والد بازياب ڪرائي انصاف فراھم ڪيو وڃي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي نوري آباد ڳوٺ تي ڪاھ ڪرڻ واقعي کان لا تعلقي جو اظھار ڪيو آھي.