نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ويجھو مزدا جو ڪلينر پر اسرار گولي لڳڻ ڪري قتل ٿي ويو هي. ان ڏس ۾ موٽروي روڊ نوري آباد ٿاڻي جي حد ۾ پاور سينمٽ فيڪٽري سامھون ڪراچي کان حيدر آباد طرف ويندڙ مزدا جي ڪلينڊر 60 ورھين جو علي محمد ولد حمل برفت ڪوٽڙي نانگو لائين جي رھواسي کي پرسرار گولي لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو پوليس واقعي جواطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي پيرسن جو مڙھ نوري آباد ٿاڻي تي آندو ويو پوليس موجب مزدا جي ڊرائيور علي دوست ٽالپر کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي وڌيڪ جانچ ھلندڙ آهي واقعي واري هنڌ گولي جو خالي خول مليو آهي مقتول جو مڙهه پورسٽ مارٽم لاءِ تعلقي ٿاڻو بولاخان اسپتال نيو ويو رپورٽ ملڻ کان پوء ڪاروائي ڪئي ويندي ھو ڏانھن قتل ٿيل پيرسن جي وارثن کي اطلاع ملڻ تي نوري آباد ٿاڻي پھچي ويا ڪو ڪيس داخل نه ٿيو.