جهول(رپورٽ: ممتاز شر) جهول ۾ ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان جهيڙو، نوجوان جي سئوٽ تي تشدد، متاٿر ڌر جي عورتن جو احتجاجي مظاهرو، ٿاڻي تي حملو، ايس ايچ او ۽ سپاهي زخمي، 6 ٿاڻن جي نفري طلب. جھول شھر جي  اسٽيشن واري علائقي ۾ ويٺل رضا محمد شر جي ڌيءُ روبينا جيڪا ڏھرڪي جي نوجوان شھباز علي پٽ شيرخان شر سان پرڻايل ھئي ۽ کيس چار ننڍا پٽ آهن کي  جھول واسي مير مرتضيٰ شر 30 اپريل تي شادي ڪرڻ جو آسرو ڏئي گھران ڪڍي ويو. جنھن بعد عورت جي مڙس شھباز علي پٽ شير خان شر مھينو اڳ 4 مئي تي ڏھرڪي ٿاڻي تي ھن جي گھر واري کي اغوا ڪرڻ جي الزام ھيٺ مير مرتضيٰ شر ۽ سندس ساٿي جوابدارن مٿان 365 بي-363–452 وارن قلمن وارو ڪيس داخل ڪرايو ھو جنھن ڪيس ۾ جوابدار روپوش آهي جوابدار کي برادري ڪٺ ۾ ڪارو ۽ عورت مسمات روبينا کي ڪاري قرار ڏنو ويو ھو. جنهن تان جهول ۾ ناريءَ جي عزيزن نوجوان مرتضي شر جي سئوٽ کي شهر ۾ تشدد جو نشانو بڻايو. زخمي نوجوان جي عورتن پاران جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ روڊ بلاڪ ڪري ٿاڻي تي حملو ڪري ڏنو، پوليس جي ويگو گاڏي جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، ايس ايچ او ۽ سپاهي زخمي، پوليس ٿاڻي جي گيٽ بند ڪرائي مورچا بند ٿي وئي جنھن بعد ايس ايچ او ڇھن ٿاڻن جي پوليس جا اٽالا گهرائي ورتا، پوليس اٽالا ليڊيز پوليس ساڻ ڪري جھول ٿاڻي تي پھچي ويا ۽ ٿاڻي اندر ويٺل ڏنڊا بردار عورتن مان 6 عورتن کي ڪمري ۾ بند ڪيو ته ساڻن مدد ۾ آيل عورتون ٿاڻي مان کسڪي ويون. جڏھن ته جھول زخمي سومار جي ڀاءُ آصف شر جي فرياد تي نوجوان سومار شر کي زخمي ڪندڙ 8 جوابدارن مولا بخش شر، علي نواز شر، عرفان شر، محمد ھاشم شر، محمد بخش شر، صدورو شر، محمد مراد شر، محبت ۽ پوليس مٿان حملو ڪندڙ 6 عورتن فريدا زال بڊو شر، فوزيه زال شاھنواز شر، پروين زال مير مرتضيٰ شر، مھناز زال آصف شر، شمشاد زال سومار شر ۽ صنم زال رسول بخش شر مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جھول پوليس ڄاڻايل 6 جوابدار عورتن جي گرفتاري ظاھر ڪري پوليس گرفتار مردن ۽ عورت جوابدارن کي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. جڏھن باقي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. جھول پوليس سومار شر کي زخمي ڪندڙ مولابخش شر ۽ محمد بخش شر کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي.