سن (ن پ ا) سن ڀرسان نوجوان ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو. ان ڏس ۾ آمري ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ نيو سونهري ۾ 20 ورهين جي نوجوان امير بخش پٽ مرحوم ڌڻي بخش ڇڇر گهر جي ڇت جي گاڊر ۾ رسو ٻڌي ڳچي ۾ ڦاھو وجهي خود ڪشي ڪري ڇڏي ، جنهن سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو .آمري پوليس پھچي ضروري ڪارروائي ڪري فوتي جو لاش وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو.