نصيرآباد(ن پ ا) سجاڳ شھري اتحاد نصيرآباد پاران شھر ۾ وڌندڙ بدامني جوا منشيات ،خاص ڪري (آئيس) جهڙي موضي مرض خلاف اتحاد جي صدر منصور سومري جي اڳواڻي ۾ شاھ لطيف پبلڪ پارڪ ۾ بک هڙتال ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ اتحاد ۾ شامل تنظيمن عوامي تحريڪ ، مجلس وحدت المسلمين، ڀٽائي ڪالوني نوجوان اتحاد، ڪمنان ، ايس ٽي پي ، پي ٽي آء،  شيعا علماء ڪائونسل سميت شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي. اڳواڻن زوار حبدار لغاري، رب رکيو اوڍاڻي، خدابخش سانگهرو، محمد رفيع لغاري، صوفي غفار چني، ڪامريڊ عاشق نوناري، وڪي ڪمار ناگديو، منصور ڪاٺيي چيو ته شھر ۾ جوا ۽ منشيات جي عام وڪري سبب شھر جي نوجوانن جو مستقبل داء تي لڳي ويو آھي  پر نصيرآباد پوليس منشيات جي ڊيلرن ۽ جوا هلائيندڙن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي.