نصيرآباد: (ن پ ا) نصيرآباد ۾ چورين ڦرن جي وارداتن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو آهي، ڪالھ رات انڊس هاءِ وي تي واپاري نذير احمد کوسو جي دڪان مان 4 لک ماليت جِي 70 مڻ سرنھن، ڏينهن ڏٺي جو شڪيل ڪالوني جي رهواسي جاويد مسڻ جي گھر ٻاهران بيٺل سي ڊي موٽرسائيڪل،۽ ڪاٺيا محلا جي رهواسي رشيد سولنگي جي گهر ٻاهران بيٺل يونين اسٽار موٽر سائيڪل چور ڪاهي ويا.  جن جي اين سي پڻ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي. پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪري سگهي. شهري اتحاد جي اڳواڻن معشوق ڦلپوٽو، عاشق ڪلھوڙو، سينگار نوناري چيو ته نصيرآباد پوليس شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي چڪي آهي، شهرين جي جان مال جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي.