باڊھه(ن پ ا) باڊھه ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن باڊھه پاران ڏيڍ مھينو اڳ حيدرآباد ۾ بيدردي سان قتل ڪيل سنڌ جي نياڻي اقرا مشوري جي قاتلن جي گرفتار نه ڪرڻ خلاف جاويد احمد جوڻيجو، جاويد گودڙائي، صدرالدين مسڻ، احمد بشير نوناري جي اڳواڻي م احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته اقرا مشوري جيڪا بيوٽي پارلر ھلائي پنهنجي گھر جو چرخو ھلائندي ھئي جنھن کي ظالمن بيدردي سان وچ شھر ۾ خنجر جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو پر پوليس اڃا تائين سمورن قاتلن کي گرفتار نٿي ڪري بااثر قاتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مقتولا اقرا مشوري جي گھر ڀاتين کي ڌمڪائي رهيا آھن. اقرا مشوري جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.