نئين دهلي ۾ مذهبي وڳوڙ، پوليس اهلڪار سميت 9 ڄڻا زخمي

0
337
نئين دهلي ۾ مذهبي وڳوڙ، پوليس اهلڪار سميت 9 ڄڻا زخمي

اڃا انڊيا جي مختلف حصن ۾ هندو- مسلم وڳوڙن جي فضا ختم نه ٿي هئي ته راڄڌاني دهلي جي اتر- اولهندي مسلم اڪثريتي علائقي جهانگير پوري ۾ تشدد ۽ هنگامن جنم ورتو

انڊيا جي خابرو اداري موجب هنگامي ۽ تشدد جو اهو واقعو ڇنڇر جي ڏينهن پيش آيو، ڪجهه شرپسند ماڻهن هندن جي ڀڳوان هنومان جي جنم ڏڻ جي جلوس تي پٿراءُ ڪيو، جنهن بعد وڳوڙ شروع ٿيا

پوليس موجب جلوس تي پٿراءُ ڪندڙ 14 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن ته پوليس گرفتار ماڻهن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي., پوليس موجب هنگامي ۾ پوليس اهلڪارن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿيا آهن ۽ مڇريل مظاهرين ڪجهه گاڏين به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي

خابرو اداري اطلاع ڏنو آهي ته گهرو وزير امت شاهه دهلي پوليس جي اعليٰ عملدارن کان بريفنگ وٺڻ بعد کين ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي

دهلي جي پوليس ڪمشنر جو شهرين لاءِ پيغام

نئين دهلي جي پوليس ڪمشنر راڪيش اسٿانه ٻڌايو ته هاڻ حالتون ضابطي هيٺ آهن ۽ واقعي واري هنڌ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي

هن چيو ته شهر جي حساس علائقن ۾ اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن، واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

پوليس ڪمشنر ٽوئٽ ڪيو ته سينيئر آفيسرن کي فيلڊ ۾ رهڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، شهري غلط افواهن تي ڌيان نه ڏين ۽ پرامن رهن

وڏي وزير اروند ڪيجريوال جو واقعي تي رد عمل

دهلي جي وڏي وزير اروند ڪيجريوال ماڻهن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪندي چيو ته جهانگير پوري ۾ جلوس تي پٿراءُ جو واقعو مذمت جوڳو آهي، ذميوارن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو

ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير اروند ڪيجريوال چيو ته شهري امن برقرار رکن، ڇوجو امن بنا ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو، واقعي بعد ايجنسين، پوليس ۽ مرڪزي حڪومت جي ذميواري آهي ته ذميوارن کي وائکو ڪن ۽ امن برقرار رکن

پرامن ماحول بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

دهلي ۾ لا اينڊ آرڊر جي خصوصي پوليس ڪمشنر ديپيندر پاٺڪ جهانگير پوري ۾ رهندڙ ماڻهن کي امن برقرار رکڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته واقعي جي جاچ جاير آهي، ذميوارن کي بخش نه ڪيو ويندو، جلد اصل جوابدار عوام آڏو پڌرا ٿي ويندا

واقعي بعد مختلف پارٽين جي ليڊرز جو رد عمل سامهون اچي رهيو آهي، بي جي پي ايم پي منوج تيواري ذميوارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪانگريس ماڻهن کي امن برقرار رکڻ جي اپيل ڪئي آهي

سوشل ميڊيا تي رد عمل امت شاهه ذميوار قرار

ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي نفرت ڀريا پيغام سامهون اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هڪ صارف لکيو ته دلي ۾ سال 1984 کانپوءِ ڪوبه فرقيواراڻو وڳوڙ ناهي ٿيو، پر امت شاهه کي گهرو وزير بڻائيندي وڳوڙ شروع ٿي ويا آهن

ان کان اڳ انڊيا جي رياست مڌيه پرديش ۾ 10 اپريل تي هندو انتهاپسندن طرفان مسلمانن جي ڪيترن ئي گهرن ۽ دڪاندارن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو هو

اپوزيشن جي 13 پارٽين جو گڏيل بيان

انڊين ميڊيا موجب اپوزيشن جي 13 پارٽين جي اڳواڻن گڏيل طور بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چڙ ڏياريندڙ تقريرن ۽ وڳوڙن ۾ اضافي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي

گڏيل اپوزيشن چيو آهي ته ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه هن وقت ٿي رهيو آهي، ان کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي ۽ جڏهن ته بي امني پکيڙيندڙن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي

گڏيل پڌرنامي ۾ 13 پارٽين جي سربراهن جون صحيحون ٿيل آهن، ڪانگريس جي صدر سونيا گانڌي کانسواءِ ترنمول ڪانگريس جي اڳواڻ ۽ اولهه بنگال جي وڏي وزير ممتا بنرجي ۽ والاريل ڪشمير جو اڳوڻو وڏو وزير فاروق عبدالله قابل ذڪر آهن

ھي به پڙھندا

ممبئي: 100 سالن جي پيرسن گهر واريءَ سان ٻيهر شادي ڪري ڇڏي