ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ ۾ هڪ ڏينهن اڳ ٿيل شوروم مالڪ جي قتل خلاف هڙتال ڪئي وئي،  ان ڏس ۾ موٽر سائيڪل  سوار نامعلوم هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل جنيد موٽر سائيڪل شو روم مالڪ خان محمد پٺاڻ جي گذريل رات ڪراچي ۾ تدفين ڪري مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قتل واقعي کي 36ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي تي مقتول خان محمد پٺاڻ جو قتل ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو. ان حوالي سان ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منشي جو چوڻ آهي ته مقتول کي دفنائڻ لاءِ وارث ڪراچي کڻي ويا آهن ان ڪري ڪو به وارث ڪيس داخل ڪرائڻ ناهي آيو، جنهن وقت به مقتول جاوارث ڪيس داخل ڪرائڻ ايندا سندن مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو، هوڏانهن مقتول خان محمد پٺاڻ جي قتل واقعي خلاف  ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪاله ٻئين ڏينهن به موٽر سائيڪل ۽ڪار شوروم مالڪان ايسوسيئيشن جي سڏ تي ميھڙ ۾ موٽر سائيڪل ۽ ڪار شوروم مالڪن پاران شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي جنھن سبب شھر جا سمورا ننڍا وڏا شوروم ۽ آٽوز جا دوڪان بند رھيا. هنن مطالبو ڪيو ته مقتول  خان محمد پٺاڻ جي قتل واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. ٻئي طرف پوليس ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب قتل واقعي کان پوءِ اعلي اختيارين جي هدايتن تي ميهڙ پوليس مقتول خان محمد پٺاڻ جي قتل واقعي جي مختلف رخن کان جانچ ۾ مصروف ٿي وئي آهي جوابدارن سڃاڻپ لاءِ سي سي وي ڪيئمرائون پڻ ڏٺيون آهن.