پيرجوڳوٺ (ن پ ا) ڪنگريءَ جي ڪچي ۾ هلندڙ ڀٽا- ناريجا خوني تڪرار جي نبيري لاءِ ناريجا برادري پاران ميڙ  منٿ قافلو ڀٽا برادري وٽ پهتو، ڀٽا برادري فيصلي لاءِ راضپو ظاهر. رپورٽ موجب ڪنگريءَ جي ڪچي ۾ هلندڙ ڀٽا- ناريجا خوني تڪرارجي نبيري لاءِ عالماڻي ناريجا برادري پاران حسين بخش ناريجو، قلندر بخش ناريجو، فوجي عبداللطيف ناريجو، رحيم بخش ناريجو، يوسي ڪوٽ مير محمد جي اڳوڻي ناظم ممتاز علي ناريجو،  يوسي الرا جي اڳواڻي چيئرمين رجب علي الرو ، جي يو آءِ اڳواڻ امير مفتي ثناءُ الله جمالي، مولوي سراج جمالي، وڏيرو غلام شبير گهمرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قرآن پاڪ ۽ مختلف برادرين جا چڱا مڙس ساڻ ڪري ميڙ منٿ قافلو ڳوٺ پڪا الرا ۾ ڀٽا برادريءَ جي چڱي مڙس صدرالدين ڀٽو جي رهائش گاهه تي پهتو، جتي ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻ ڀٽابراديءَ جي چڱن مڙسن صدرالدين ڀٽو، حاجي نبن ڀٽو ۽ ٻين کي پاڪ ڪتاب جي واسطا ڏيندي خوني تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي، جنهن تي ڀٽا برادريءَ جي چڱن مرشن ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻن سان نويڪلائيءَ ۾ هڪ ڪلاڪ گڏجاڻي ڪري پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو، جنهن تي ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻن سندن خدشا دور ڪندي کين يقين ڏياريو ته اسان تڪرار جي خاتمي لاءِ خدا ڪارڻ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، توهان راضي ٿيو ته صلح ڪرايون. ان تي ڀٽا برادري جي چڱن مڙس ناريجا برادري سان ٺاهه لاء راضي ٿيندي چيو ته اسان برادريءَ جي سردار کي آگاهه ڪري کانئس ٽائيم وٺي بعد ۾ تاريخ ڏينداسين. ان بعد ميڙ منٿ ميڙ منٿ قافلو خير جي دعا گهرڻ بعد واپس موٽي ويو.