اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي وفاقي  گھرو وزير، پنجاب جي وڏي وزير ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته راڻا ثناءُ الله اسان جي 5 صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي گم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، راڻا ثناءُ الله جو هي بيان عدالت جي توهين آهي، سپريم ڪورٽ پهرين جولاءِ تي وڏ وزارت جي اليڪشن جو فيصلو ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته حمزه شهباز عدالت کي وڏ وزارت جي اليڪشن پرامن طور تي ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي چڪو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته رانا ثناءُ الله جي بيان سان تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪيو ويو، رانا ثناءُ الله عدالتي حڪمن جي پوئيواري ۾ رنڊڪون پيدا ڪري رهيو آهي، ننڍي چونڊ ۾ ناڪامي کانپوءِ اهي پنهنجا هوش ۽ حواس وڃائي ويٺا آهن، عدالت رانا ثناءُ الله، حمزه شهباز ۽ مريم اورنگزيب کي طلب ڪري ۽ عدالتي حڪم نه مڃڻ تي کين توهين عدالت جي سزا ڏني وڃي.