لاهور (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ  ڀرپور ڪاميابيون ماڻيون آهن. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته ن ليگ ڪيترائي سٺا نتيجا به مليا، جن تڪن ۾ چونڊ ٿي، انهن مان ڪيترن ۾ 2018 جي عام چونڊن دوران اسان وٽ ڪو اميدوار ئي نه هو. هن چيو ته الحمدالله اميدوار نه ملڻ کان وٺي سخت مقابلو ڪرڻ تائين وڏي بهتري ٿي آهي، ڪجهه سالن دوران اسان پنهنجي هڪ به سيٽ ناهي هارائي، حقيقت ۾ پي ٽي آءِ کان کسيون آهن.