اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري پنهنجي هيڊ روم مان وائس رڪارڊنگ  ڊوائس هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيرين مزاري چيو ته اڳ مون کي اغوا ڪيو ويو ۽ هاڻ بيڊ روم مان آواز رڪارڊ ڪندڙ ڊوائس هٿ آئي آهي، خبر ناهي ڪڏهن کان لڳل هئي. هن چيو ته اها ڊوائس منهنجي ڪمري جي ٽيبل مان نڪتي آهي ۽ آمريڪي ماڊل جي اها ڊوائس وائس رڪارڊ آهي. هن چيو ته چادر ۽ چار ديواري جو ڪو خيال ناهي رهيو، ملڪ ۾ آئين جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن. شيرين مزاري سوال ڪيو ته اهو سڀ ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ڪهڙي ڄاڻ چاهي ٿو؟ گهر جا ملازم عارضي طور هوندا آهن، گهر جي ملازم کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪجهه ٻڌايو ويو ته سٺو نه ٿيندو. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اهڙن ڪمن لاءِ غريب طبقي کي استعمال ڪيو ويندو آهي، آئون ان معاملي تي عدالت وينديس.