ميرپورٻرڙو: پوليس جو ڪارنامو، جرڳائي ڀوتار جو ڪيس مان نالو ئي ڪڍي ڇڏيو

0
246
ميرپورٻرڙو: پوليس جو

ميرپورٻرڙو(ن پ ا) جرڳائي ڀوتارن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ تيپوليس ونگار وهندي جرڳي جي سرپئنچ سردار صدام حسين ٻرڙو جو نالو ئي ڪيس مان ڪڍي ڇڏيو.

ميرپور ٻرڙو م ڏيڍ مهينو اڳ ماني ديرسان پچائڻ تان مڙس هٿان ڏنڍا هڻي قتل ٿيل  ڳورهاري عورت جي جرڳي وارو مامرو ٽائيم نيوز جي خبر تي نوٽيس جرڳو ڪندڙن سميت ٻنهي ڌرين 16 ڄڻن  مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.

پوليس اي ايس آءِ علي رضا مهر جي فرياد تي  جرڳو ڪندڙن سميت ٻنهي ڌرين جي 16 ڄڻن آغو ٻرڙو،غلام نبي ٻرڙو ،سليمان ٻرڙو،علي شير ٻرڙو،سميت 16ڄڻن  مٿان ڪيس داخل ڪيو.

ايس ايڇ او مير حسن ملڪ جو چوڻ آهي ته جرڳو ڪندڙن ٻنهي ڌرين جي 16 ڄڻن مٿان اسان ڪيس داخل ڪيو آهي باقي سردار صدام خان ٻرڙو جرڳي ۾ موجود نه هو جنهن ڪري ساڻس نالو ڪيس ۾ شامل ناهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳورهاري عورت جي قتل واري جرڳي ۾ سردار صدام حسين ٻرڙو موجود هو، بااثر هجڻ ڪري ساڻس نالو ڪيس ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، جڏهن سردار ٻرڙو جرڳي جي تصويرن ۾ ويٺل نظر اچي رهيو آهي کيس جرڳي جي سرپئنچ ڪندي ڏسي سگهي ٿو.