چانڊڪا اسپتال جي حالت نه سڌري، مريضن جي وارثن جون دانھون

0
158
چانڊڪا جي اڳوڻي وي سي

لاڙڪاڻو(ن پ ا) چانڊڪا اسپتال جي حالت نه سڌري، سخت گرمي ۽ گندگي کان تنگ اچي مريضن جا وارث دانھون ڪرڻ لڳا.

اسپتال جي سرجيڪيل وارڊ ۾ ايئرڪنڊيشن  بند ھجڻ ۽ سخت گرمي سبب مريضن جي وارثن شڪايتون ڪندي وڊيو وائرل ڪري ڇڏيو.

مريضن جي وارثن جون دانھون ڪندي چيو ته گندگي جو آزار سان گڏ سخت گرمي ۾ ايئرڪنڊيشن  خراب پيل آهن، جنهن سبب صحتياب ٿيڻ بجاءِ ويتر مريضن جي حالت خراب ٿي وئي آهي.

چانڊڪا اسپتال جي خراب حالت  گندگي ۽ ايئرڪنڊيشن خراب ھجڻ سبب مريضن جي وارثن طرفان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.