ميرپورخاص : واڪ تي ايندڙ عورتن کي ڇيڙيندڙ جوابدار ضمانت تي آزاد

0
197
جوابدار ضمانت تي آزاد
ميرپورخاص : واڪ تي ايندڙ عورتن کي ڇيڙيندڙ جوابدار ضمانت تي آزاد

ميرپورخاص: ميرپورخاص جي علائقي سيٽلائٽ ٽائون جرواري شاخ واري فيملي پارڪ ۾ صبح جو واڪ تي ايندڙ عورتن کي جنسي حراسان ۽ غيراخلاقي اشاره ڪرڻ جي عوامي شڪايتن جو ايس ايس پي ميرپورخاص فيصل بشير ميمڻ نوٽيس ورتو.

سيٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪامران هاليپوٽو پاران سادن ڪپڙن ۾ پوليس مقرر ڪري ايوب نگر نٽ پاڙي جي رهواسي وقاص ملڪ کي عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ دوران گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ٿرڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ميرپورخاص جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي جوابدار جي وڪيل ڪيس کي سندس ڪلائنٽ تي سازش تحت ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڪيس جا قلم ضمانت جوڳا هجڻ جون دليلون ڏيئي ضمانت جي استدعا ڪئي، جنھن بعد عدالت جوابدار جي 5 ھزار روپين مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.