ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي شهر ۾ رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ هٿرادو اگهن سبب ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ طبقو پريشان ۾ مبتلا ٿي ويو. ريزڪي دڪانن تي واپارين هر شيءِ جا اگهه هٿرادو وڌائي ڇڏيا، ريٽ لسٽ نه لڳائي. شهرين وزيراعظم پاڪستان، وزير اعليٰ سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته ميرواهه گورچاڻي شهر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ منافعي خور معافيا ۽ واپارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري عوام کي پريشاني کان بچايو وڃي.