نوري آباد (ن پ ا) ڪوھستان جي ڳوٺ سائينون جاکرو جي رھواسين بااثر ماڻھن ۽ لوڻي ڪوٽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي معذور اسماعيل جاکرو، شھزاد جاکرو، انور جاکرو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سندن ڳوٺ پاڪستان ٺھڻ کان به اڳ جو آباد آھي، جتي ڳوٺ کانسواءِ سندن قديمي قبرستان، مال جا چراھ گاھ، اسڪول، مسجدن سميت سندن زمينون موجود آھن، جنھن تي ڪجھه وقت کان بااثر قبضا مافيا روينيو کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت ڪري اسان جي ڳوٺ توڙي زمينن تي قبضو ڪري بيدخل ڪرڻ چاھين ٿا، مداخلت ڪرڻ تي مٿن ھٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرائي پوليس معرفت ڳوٺ تي چڙهايون ڪري هراسا ڪيو پيو وڃي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته قبضاگيرن ۽ انھن جي ساٿارين خلاف سخت ڪاروائي ڪري اسان کي پنهنجا حق ڏياريا وڃن.