دادو (رپورٽر) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج قاضي نديم بدر جي عدالت 3 ڄڻن محمد يوسف جتوئي ، شهمير جتوئي ۽ حاجي کوسو جي قتل ڪيس ۾ ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي ٻن ايس ايڇ اوز غلام علي بروهي ، غلام نبي ڪورائي ، اي ايس آءِ محمد پريل پنهور ، اي ايس آءِ مظهر پتافي ، اي ايس آءِ علي اصغر سميت 19 اهلڪارن کي بري ڪري ڇڏيو ، سال 2018 ۾ رڪڻ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ محمد يوسف جتوئي ، شهمير جتوئي ۽ حاجي کوسو مارجي ويا هئا، جن خلاف رڪڻ ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو هو، جڏهن ته مارجي ويل محمد يوسف جتوئي جي ڀاءُ شهاب الدين پاران هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ 22 ، اي بي سيڪشن تحت درخواست داخل ڪئي هئي ۽ عدالت جي حڪم تي اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ايس ايڇ او غلام علي بروهي ٻڌايو ته مارجي ويل ٽئي ڦورو ۽ ڏوهاري هئا، جن ڏينهن ڏٺي جو دڪانن تان ڦر دوران 2 ڄڻن کي زخمي ڪيو، اطلاع تي پوليس سندن پيڇو ڪيو ته هنن جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي جوابي فائرنگ ۾ ٽئي ڦورو مارجي ويا هئا.