مورو (ن پ ا) مورو ۾ سنڌ حڪومت جي ڏنل لاڪ ڊائون واري حڪم تي عمل نه ٿيو، مارڪيٽون جزوي طور تي کليل رھيون. مختيارڪار پوليس ساڻ ڪري مين روڊ، دادو چونڪ، شھيد عبدالرزاق سومرو چونڪ، کيڙا بازار، شاهي بازار ۽ ڀاڄي مارڪيٽ سميت ٻين هنڌن تي کليل دڪان بند ڪرائي، مٿن ڏنڊ وڌو، بنا پرمٽ جي کليل هوٽلن، فروٽن ۽ ڀاڄيءَ جون ريٽ لسٽون مناسب جاءِ تي ظاهر نه ڪرڻ ۽ دڪاندارن پاران ماسڪ نه پائڻ تي هزارين رپيا ڏنڊ هڻي روڪ رقم وصول ڪئي وئي، هوٽل وارن، ڀاڄي وارن، فروٽ وارن ۽ دڪاندارن ميڊيا کي ٻڌايو ته مختيارڪار من پسند ماڻھن کي ڇڏي مزدور طبقي وارن کي نشانو بڻائي ڏنڊ وصول ڪيو آھي.