هنڱورجا (ن پ ا) مختيارڪار سوڀوديرو ،اسسٽنٽ مختيارڪار سان گڏجي هنڱورجا بازار ۾ دڪاندارن کي ايس او پي تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ مختلف دڪاندارن نصرالله، شهزاد علي ،عبدالسلام ۽ رسول بخش شيخ سميت ٻين دڪاندارن تي هڪ هڪ هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ۽ رمضان شريف ۾ هٿرادو مهانگائي ڪندڙ دڪاندارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته عام واهپي جي شين کي مقرر اگهه تي وڪرو ڪيو وڃي.