اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو )  فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سال 2023ع جي سي ايس ايس جو حتمي نتيجو جاري ڪري ڇڏيو ، جاري ڪيل رزلٽ موجب سنڌ شهري ۽ سنڌ ٻهراڙي جا سان تعلق رکندڙ اميدوار ميرٽ لسٽ ۾ پنجاب ، بلوچستان ، ڪي پي ڪي ، آزاد ڪشمير جي اميدوارن کان به پوئتي رهجي ويا آھن، ميرٽ لسٽ ۾ سنڌ ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ پهرين  اميدوار جو نمبر 66 ۽ سنڌ شهري مان پاس ٿيندڙ پهرين اميدوار جو ميرٽ لسٽ ۾ نمبر 116 تي آيو آھي، تفصيل موجب فيڊرل پبلڪ ڪميشن سال 2023ع جي سي ايس ايس جو حتمي نتيجو جاري ڪري ڇڏيو آھي  جنهن مطابق سي ايس ايس 2023ع جي تحريري امتحان ۾ ڪل 13 هزار 8 اميدوارن حصو ورتو جن مان رڳو 401 اميدوار تحريري امتحان پاس ڪري سگهيا جڏهن ته واءِ وائز بعد 401 اميدوارن مان حتمي طور سي ايس ايس 386 اميدوارن  پاس ڪئي،  جن ۾ 234 مرد ۽ 152 عورت اميدوار شامل آھن، سال 2023ع جي سي ايس ايس ۾ پاس ٿيندڙن جي شرح 2.96 سيڪڙو رهي ، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاس ٿيندڙن مان 210 اميدوارن کي سروس گروپ الاٽ ڪري گريڊ 17 ۾ مقرري جي سفارش ڪري ڇڏي آھي ، سي ايس ايس پاس ڪندڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ پنجاب سان تعلق رکندڙ اميدوار آھن جن جو تعداد 125 آھي  جڏهن ته سنڌ شهري مان رڳو 8 اميدوار حتمي امتحان ۾ پاس ٿي سگهيا آھن جن ۾ ٽن جا ڪيس ميڊيڪل بنيادن تي ملتوي ڪيا ويا آھن جڏهن ته ٻهراڙي سنڌ مان 29 اميدوار پاس ٿيا آھن جن ۾ 7 اميدوارن جا ڪيس ميڊيڪل بنيادن تي ملتوي ڪيا ويا آھن، اهڙي ريت بلوچستان صوبي مان 10 ، ڪي پي ڪي مان 26 ، گلگت 2 ، اڳوڻو فاٽا 3 آزد ڪشمير مان 6 اميدوار حتمي امتحان پاس ڪري سگهيا آھن جن کي مختلف سروس گروپ الاٽ ڪري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن کين گريڊ 17 ۾ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آھي ، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران جاري ڪيل نتيجي مان ظاهر ٿيو آھي ته سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ سي ايس ايس جو امتحان ڏيندڙ اميدوار ميرٽ لسٽ ۾ باقي ٽن صوبن سوڌو آزاد ڪشمير جي اميدوارن کان به پوئتي رهجي ويا آھن فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاران جاري ڪيل نتيجي مطابق سال 2023ع جي سي ايس ايس جي حتمي امتحان کي پاس ڪندڙ اميدوارن مان بلوچستان جي پهرين اميدوار جو ميرٽ لسٽ ۾ نالو 9 نمبر ٻئي جو 11 ۽ ٽيئن جو ميرٽ لسٽ ۾ نالو 23  نمبر تي آھي ائين ڪي پي ڪي صوبي مان پهرين اميدوار جو ميرٽ لسٽ ۾ 25 نمبر ، ٻئي جو 36 ۽ ٽئين جو 47 نمبر تي آھي،آزاد ڪشمير سان تعلق رکندڙ پهرين اميدوار جو ميرٽ لسٽ ۾ نالو 20 نمبر ۽ ٻئي جو 59 نمبر تي آھي، ميرٽ لسٽ جي پهرين نمبر کان اٺين نمبر تي پنجاب جا اميدوار آھن، ميرٽ لسٽ جي پهرين ڏيڍ سو مان لڳ ڀڳ  90 سيڪڙو پنجاب سان تعلق رکندڙ اميدوار شامل آھن جڏهن ته سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪندڙ ٻهراڙي سنڌ جي پهرين اميدوار جو ميرٽ لسٽ جي 66 نمبر تي آهي، شهري سنڌ مان پاس ٿيندڙ پهرين اميدوار جو نالو ميرٽ لسٽ ۾ 166 نمبر تي آھي.

شهري سنڌ جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي سنڌ جا اميدوار وڌيڪ ڪامياب

اسلام آباد:  سي ايس ايس جي نتيجي ۾ اها به نشاندهي ٿي آھي ته شهري سنڌ جي اميدوارن جي ڀيٽ ۾ بلوچستان ۽ ٻهراڙي سنڌ جا اميدوار وڌيڪ ڪاميابي ماڻي سگهيا آھن.

سنڌ سان واسطو رکندڙ 10 اميدوارن جا ڪيس ميڊيڪل بنيادن تي ملتوي ڪيا ويا

اسلام آباد: فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ سنڌ شهري مان رڳو 8 اميدوار حتمي امتحان ۾ پاس ٿي سگهيا آھن جن ۾ ٽن جا ڪيس ميڊيڪل بنيادن تي ملتوي ڪيا ويا آھن جڏهن ته ٻهراڙي سنڌ مان 29 اميدوار پاس ٿيا آھن جن ۾ 7 اميدوارن جا ڪيس ميڊيڪل بنيادن تي ملتوي ڪيا ويا آھن. شهري سنڌ مان امتحان پاس ڪندڙ جيا نشا علي کي پوليس سروس گروپ ۽ عبيد الله خان کي ان لينڊ روينيو سروس گروپ الاٽ ڪيو ويو آھي پر انهن ٻنهي جا ڪيس ميڊيڪل بنيادن تي ملتوي ڪيا ويا آھن. سنڌ ٻهراڙي مان فاروق احمد ، عبدالاحد  کي پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ ، محمد طاهر امان، صبا زين  کي پوليس گروپ،  نورالاامين منصور ، زوهيب علي  کي پاڪستان ڪسٽم سروس گروپ الاٽ ڪيا ويا آھن پر انهن جي نالن جي سامهون ميڊيڪل بنياد تي ڪيس ملتوي ٿيل لکيو ويو آھي.

نتيجا سنڌ جي تعليمي معيار تي سواليه نشان

اسلام آباد : رٿابندي جي اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري فضل الله قريشي سي ايس ايس جي حتمي نتيجن بابت پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آھي ته سنڌ حڪومت ، سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ادارن لاءِ 2023ع جي سي ايس ايس جو نتيجو سوچڻ جو مقام رکي ٿو کين هن نتيجي کي ڏسڻ گهرجي ته  سنڌ مان سي ايس ايس پاس ڪندڙ ميرٽ لسٽ ۾ اميدوار مڙني صوبن ،آزاد ڪشمير ۽ گلگت کان به پوئتي ڇو رهجي ويا آهن، وفاقي ملازمتن ۾ ڪوٽا سسٽم نه هجي ها ته جيڪي سنڌ مان اميدوار پاس ٿيا آھن اوترا به پاس نه ٿي سگهن ها،  هي نتيجو سنڌ جي تعليمي معيار تي سوچڻ جهڙو آھي.