ڪراچي(نمائندن وٽان): فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙن جا تفصيل پنهنجي اخبار کي ملي ويا، جنهن موجب پي ايس پي گروپ حاصل ڪندڙ شيراز احمد گهراڻو جو تعلق ٽنڊي الهيار سان آهي. سندس والد محمد شفاق گهراڻو تازو ئي پي ٽي سي ايل مان ڊائريڪٽر  طور رٽائرڊ ٿيو آهي. سانگهڙ ضلعي جي تعلقي کپرو جي ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ ڳوٺ هٿونگو جو رهواسي سميع احمد پٽ سردار قائمخاني ڪميشن امتحان ۾ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن ماڻي پي اي ايس گروپ حاصل ڪري ورتو، سميع جو والد ڊاڪٽر آهي. ٿرپارڪر جي ڳوٺ جنجهير سان تعلق رکندڙ نوجوان تيرٿ ڪمار ميگھواڙ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس ۾ سليڪٽ ٿي ويو، تيرٿ ڪمار هڪ سنڌي اخبار ۾ سب ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. سي ايس ايس امتحان پاس ڪندڙ عبدالاحد سومرو جو شهدادڪوٽ شهر سان تعلق آهي سندس والد بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ آفيسر آهي، بابر کوسو جو تعلق قبو سعيد خان لڳ علائقي ڪچي پل سان تعلق آهي سندس والد پرائمري اسڪول ٽيچر آهي،ڪرمپور واسڻ صبا زين ٻپڙ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ورتو آهي ۽ پوليس گروپ ۾ اي ايس پي بڻجندي، ڳوٺ مهرو ماڙي جي رهواسڻ صبا زين ٻپڙ جو والد زين الدين ٻپڙ هاءِ اسڪول ۾ استاد آهي، صبا زين ميٽرڪ تائين ابتدائي تعليم ڪرمپور مان حاصل ڪئي، حيدرآباد زبيده ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد هن نمل يونيورسٽي مان وڌيڪ تعيلم حاصل ڪئي، جڏهن ته سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪندڙن جي گهرن ۾ خوشي وارو ماحول آهي.