اسلام آباد: سي ايس ايس 2023ع جو امتحان پاس ڪري مختلف سروس گروپس ۾ گريڊ  17 ۾ نوڪريون حاصل ڪندڙ سنڌ صوبي جي اميدوارن ۾ سنڌ شهري سان تعلق رکندڙ 8 اميدوار آهن جن مان زوپش آغا، سمروز خان ، جويريا ڊار کي پاڪستان ايڊمنسٽريشن سروس، محمد مزمل ، محمد اويس سرور  کي پوليس سروس ، عمير ريحان ان لينڊ روينيو سروس گروپ الاٽ ڪيو ويو آھي.  جڏهن ته ٻهراڙي سنڌ مان سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري مختلف سروس گروپن ۾ گريڊ 17 ۾ نوڪريون حاصل ڪندڙن ۾ سميع احمد، ثناءِ الله ،  عبدالزمان ، دائود احمد، مديحا اڪبر ، تيرٿ ڪمار کي پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ، محمد بالاچ خان، شيراز احمد ، امداد حسين  کي پوليس سروس، ناياب کي فارين سروس گروپ ، بابر خان ، ملڪ عبدالمجيد ، الطاف حسين ، سرمد علي کي ان لينڊ سروس گروپ، صابير احمد، احسان علي، حنا اڪبر درس ،ساحر احمد  کي او ايم جي گروپ، رضوان الحسن کي ڪسٽم گروپ الاٽ ڪيو ويو آھي.