حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ڀرسان هوسڙي جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ بيگ مان ڪٽيل لاش جا عضوا مليا.  ڪمانڊ بيس جي اطلاع تي پوليس پهچي انساني عضون سان ڀريل بيگ تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو.  پوليس جو چوڻ آهي ته خالي پلاٽ ۾ ڪاري ۽ ناسي رنگ جو بيگ رکيل هو جنهن کي کولي ڏٺو ته ان ۾ مرد جي لاش جا ٽڪڙا پيل هئا،  جيڪي ايڌي رضاڪارن معرفت ايمبولينس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيا. ڊي ايس پي هوسڙي ايوب پاٽولي جو چوڻ آهي ته هٿ آيل عضوا ڪنهن مرد جا لڳي رهيا آهن. عضون ۾ رڳو پيٽ ۽ ڄنگهن جي وچ وارو حصو مليو آهي جڏهن ته باقي عضوا ان ئي علائقي ۾ ڳولڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي. ڊي ايس پي موجب ڄاڻايل عضوا ڊي اين اي لاءِ سول اسپتال جي ميڊيڪو ليگل شعبي ۾ رکرائي ڇڏيا آهن، جيئن ئي کين ٻيا عضوا هٿ ايندا جنهن بعد معاملي جي جاچ شروع ڪئي ويندي. ڊي ايس پي دعويٰ ڪئي ته جنهن علائقي مان کين انساني عضون سان ڀريل بيگ مليو اتي فرانزڪ ٽيم پهچي شاهديون گڏ ڪيون جڏهن ته عضون مان به نمونا وٺي لمس ۽ روهڙي ليبارٽرين ڏانهن ڊي اين اي لاءِ اماڻيا ويندا.

عضون مان ڪنهن ماڻهو جي سڃاڻپ ناممڪن آهي: ڊاڪٽر

حيدرآباد: ميڊيڪو ليگل شعبي جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هٿ آيل عضون ۾ ڪنهن به ماڻهو جي سڃاڻپ ناممڪن آهي پر تنهن باوجود عضون جا نمونا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ اماڻيا ويندا ته جيئن جاچ دوران شاهديون ملڻ بعد واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ٿي سگهي.

 

خالي پلاٽ ۾ انساني عضون سان ڀريل بيگ لڪائڻ لاءِ مٿان وڻن جون ٽاريون ڏنيون ويون هيون

حيدرآباد: ٻڌايو پيو وڃي ته اڻڄاتل ماڻهن ماڊل ٽائون جي خالي پلاٽ ۾ انساني عضون سان ڀريل بيگ رکيو ۽ لڪائڻ لاءِ مٿان وڻن جون ٽاريون ڏئي ڇڏيون هنيون ته جيئن بيگ لڪيل رهي پر اتان گذرندڙ ڪجهه ماڻهن مشڪوڪ بيگ ڏسي مددگار پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ مددگار پوليس واقعي جي جاچ لاءِ لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس کي اماڻيو.