ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ مختيارڪار ۽ اسپيشل مئجسٽريٽ ٽنڊوآدم عبدالغفار لاکير پوليس اٽالن سان شھر جي مختلف علائقن جوھر آباد، بنگلا روڊ، احمد آباد، جمن شاھ ۽ ٻين علائقن جو دؤرو ڪيو. ان موقعي تي وڌيڪ اگھه وٺڻ تي ٻن ڪرياني جي دڪانن، ھڪ گوشت ۽ ھڪ فروٽ واري تي ڏنڊ ھنيو ويو، جڏھن ته لاڪ ڊائون دوران پابندي پيل دڪانن کي بند ڪرايو ويو.