مورو (ن پ ا) مورو ڀرسان ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ 22 سالن جو ذوھيب لغاري عزاداري دوران ٻئي عزادار جي زنجير لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي مورو جي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، ان ڏس ۾ ضروري ڪارروائي بعد عزادار جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن ٻڌايو ته زنجير زني جي ماتم دوران ٻئي عزادار جي زنجير مان نڪتل ڇري لڳڻ سبب هو زخمي ٿي پيو جنھن کي اسپتال کڻي پھتاسين ته دم ڏنو، ھوڏانھن عزادار جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.