مهر سردارن جي عادلپور آمد: علي گوهر مهر زيادتين تي ڌاريجا ڀائرن کان معافي وٺي ڇڏي

0
150

گھوٽڪي (رپورٽر) مهر ۽ ڌاريجا ڀائرن ۾ باضابطه ٺاهه ٿي ويو، ان ڏس ۾ خانڳڙهه جي مهر ڀائرن علي گوهر مهر، علي نواز عرف راجا مهر ۽ محمد بخش مهر ڄام هائوس عادلپور پهچي ڌاريجا ڀائرن ظفر الله ڌاريجو، اڪرام الله ڌاريجو، غلام قادر ڌاريجو ۽ آصف رزاق ڌاريجو سان ملاقات ڪئي

ان موقعي تي  علي گوهر خان مهر ڌاريجا ڀائرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي معذرت ٿو ڪريان، هاڻ اسان پاڻ ۾ هڪ آهيون، هاڻ ڪنهن سان به اڳتي ذيادتي نه ٿيندي، سڀني کي گڏ کڻي هلبو، پارٽي جو جيڪو فيصلو آهي ان تي عمل ڪبو، آئون ڌاريجا ڀائرن جو شڪر گذار آهيان جن عزت ڏني

محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته علي گوهر مهر، راجا مهر ۽ ڌاريجا ڀائرن وچ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون آهن انهن جو ضامن آهيان، هاڻ ڪي به اختلاف ناهن رهيا، پنوعاقل ۽ گهوٽڪي ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪندا سين

ڄام اڪرام ڌاريجو جو چوڻ هو ته اسان ڪڏهن به ذاتي مفاد لاءِ سياست ناهي ڪئي، گهوٽڪي جي اين اي 198 ۽ پي ايس 21 گهوٽڪي تي پ پ جي نامزد ڪيل اميدوارن کي کٽرائبو