ڪراچي (م ڊ) ٽڪيٽ نه ملڻ تي شاهد خاقان عباسي، نواز ليگ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مون ٽڪيٽ ناهي ورتي ان جو مطلب آهي ته مان پارٽي ۾ نه آهيان، هن چيو ته پارٽي جي سياست سان اتفاق نٿو ڪريان، هن چيو ته پارٽي ورڪرن جا نالا ڏنا هئا انهن کي ٽڪيٽون نه مليون، نواز ليگ جي اميدوارن کي سپورٽ نه ڪندس، مون تي تڪ جي عوام جو دٻاءُ هو، مان پاڻ يا پٽ کي آزاد اليڪشن وڙهايان، آئون جماعت ٺاهيان يا نه پر نيون پارٽيون ٺهنديون، هڪ سوال تي هن چيو ته اليڪشن آئيني حق آهي اوهان هڪ پارٽي کان نشان ڪيئن وٺي سگهو ٿا، اسان ماضي مان سبق ناهي سکيو، پراڻا فائل ڪڍي ساڳيو ڪم ڪريون ٿا.