مني بجيٽ، مهانگائي جو طوفان

0
104
سنڌ کي ڀوتارڪي آڪٽوپس مان نجات ڏياري وڃي!

نيٺ اهو ئي ٿيو جنهن جو ڊپ هو ۽ حڪومت مني بجيٽ پيش ڪري مهانگائي جي طوفان لاءِ دروازا کولي ڇڏيا آهن جنهن سان غريب عوام جي ڏکي بڻيل زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي ۽ انهن  جو جيئڻ  جنجال ٿي ويندو.مني بجيٽ ۾ 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته حڪمرانن جي دعويٰ آهي ته اها ڪوشش ڪئي وئي آهي ته عام عوام تي انهي جو گهٽ ۾ گهٽ بار پوي جيڪا هر حڪمران دعويٰ ڪندو آهي پر ان جو اثر بهرحال عام عوام جي زندگي تي ئي پوندو آهي.ملڪ جي معيشت ڪيتري وقت کان وٺي خراب حالتن ۾ آهي، اڳوڻي حڪومت پاران آءِ ايم ايف  سان طئي ٿيل معاملن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کانپوءِ قرض جي قسط رڪجڻ سبب ملڪي معيشت وڌيڪ خراب حالت ۾ هلي وئي جنهن ڪري آءِ ايم ايف سان تازو ٿيل ڳالهين ۾ وڌيڪ سخت شرط رکيا جنهن جو نتيجو اهي 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس به آهن جنهن جو اثر عوام کي ئي ڀوڳڻو پوندو. ڪنهن به ملڪي معيشت لاءِ مني بجيٽ جو مطلب  عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ هوندو  آهي ڀلي اهو ڪهڙي به نالي ۾ هجي پر ان جو بار غريب عوام تي ئي پوندو آهي.هن مني بجيٽ سان به لڳي ٿو مهانگائي جو اهڙو طوفان ايندو جنهن کي روڪڻ شايد حڪومت جي وس ۾ نه هوندو ۽ ويجهي مستقبل ۾ ڪا بهتري جي اميد نظر نه ٿي اچي.

مني بجيٽ پيش ڪري جنهن انداز ۾ عوام کان وڌيڪ 170ارب رپيا اوڳاڙيا ويندا. ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته حڪمرانن کي عوام جو نه خيال آهي نه ئي ان جو احساس آهي. چوڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ته اها ڳالهه ڀلي ٿي لڳي ته ڪوشش ڪئي ويندي ته عام ماڻهو تي بار نه وجهجي پر عملي طور قدم اهي کنيا ٿا وڃن ته نپوڙيل عوام کي وڌيڪ نپوڙيو وڃي. حڪومت کي جيڪڏهن عوام جو احساس هجي ها ته پوءِ ٽيڪس لڳائڻ بدران نظام ۾ موجود اهڙا خرچ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ها جن سان مراعت يافته طبقي جون مراعتون گهٽ ٿين ها. ڇا اهو ضروري آهي ته جنهن ملڪ ۾ توانائي جي ذريعن سبب گردشي قرض چڙهندا وڃن ان ملڪ جي بيوروڪريسي کان وٺي ججن، جنرلن ۽ چونڊيل نمائندن کي ماهوار مفت بجلي مهيا ڪئي وڃي. ڇا جنهن ملڪ جي معيشت قرض تي هلي اتي مخصوص طبقي جي  پروٽوڪول ۽ حفاظت جي نالي تي قومي ناڻو لٽايو وڃي. ڇا جنهن ملڪ جي عوام کي کائڻ لاءِ رياست ڪجهه نه ڏئي سگهي انهي عوام جي ٽيڪس جي پئسن تي وڏيون وڏيون گاڏيون ۽ مفت پيٽرول انهي عوام جو نوڪر سڏجندڙ بيورو ڪريسي کي ڏيڻ گهرجي جيڪو پاڻ کي عوام جو خادم سمجهڻ بدران مالڪ سمجهڻ لڳو آهي. ايئن ئي کوڙ اهڙا غير پيداواري خرچ گهٽائڻ بدران اهي پورا ڪرڻ لاءِ عوام جو رت ست به چوسڻ کان حڪمران نه ٿا مڙن.انهي کان وڌيڪ حيرت ان ڳالهه جي آهي ته جڏهن عوام تي مني بجيٽ جي نالي تي ٽيڪس مڙهيا پئي ويا ان وقت عوام جي ووٽن سان چونڊيل اڪثر ميمبر غير حاضر هئا،جڏهن ته ٻيا وري استعيفا ڏئي ايوان مان ئي ٻاهر نڪري چڪا آهن جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حڪمرانن توڙي مخالف ڌر کي عوام جو ڪيترو اونو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته مني بجيٽ آڻي حڪمرانن پنهنجي طبقي جي ماڻهن جو تحفظ ڪيو آهي ته جيئن انهن جا مفاد محفوظ رهن ۽ سڄو بار انهي عوام تي اڇلجي جيڪو اڳ ئي مهانگائي جي بار ۾ دٻجي رڳو ساهه کڻڻ جهڙو ئي رهيو آهي.