خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي نظاماڻي پاڙي جو رهواسي نوجوان ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم،  اغوا جو شڪ، اين سي داخل. ان ڏس ۾   بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نظاماڻي پاڙي جو رهواسي نوجوان اويس علي پٽ جاويد شيخ ٽن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي،   نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو نوجوان اويس شيخ گذريل ٽن ڏينهن کان گهر ناهي آيو، جنهن جو موبائل فون به بند پيل آهي، ڳولا باوجود پتو ناهي پيو، شڪ آهي ته اويس شيخ کي اغوا ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.