مني بجيٽ، عوام تي بار ۽ چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي

0
128
مني بجيٽ، عوام تي بار ۽ چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي

 مهانگائي سموريون حدون اورانگھي عوام لاءِ ڏانئڻ بڻجي هانء ڪڍي رهي آھي مٿان وري حڪمرانن جي ناڪامي، غلط فيصلن ۽ سياسي رساڪشي جي سزا به عوام کي ڏيڻ لاءِ مني بجيٽ پيش ڪئي وئي آھي. مني بجيٽ آءِ ايم ايف بهادر جي فرمائش تي پيش ٿي آھي جنهن ۾ انتهائي بي رحماڻيون تجويزون شامل ڪيون ويون آھن جنهن سان مهانگائي جو جن بي قابو ۽ بدمست ٿي ويندو عوام انهي مهانگائي جي سونامي ۾ ايئن ئي متاثر ٿيندي جيئن ڪا قدرتي آفت عوام جو الھه تلھه  اجاڙي عوام کي بي وس ۽ لاچار بنائي ڇڏيندي  آھي فرق صرف اهو آھي ته  هي تڪليفون عوام کي قدرتي طور آيل مهانگائي جي سونامي سبب نه پر حڪمرانن جي ناڪامين، سياستدانن بي رحم سياست ڪري برداشت ڪرڻيون پونديون. پيش ٿيل مني بجيٽ ۾ بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ هن مالي سال يعني جون تائين

                 7 روپيا 91 پيسن جي واڌ ٿيندي، گيس قيمتن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيندو. گيس قيمتن ۾ انهن شعبن ۾ به اضافو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي جنهن جا اثر مهانگائي کي اڃان وڌيڪ  ڀيانڪ بنائي ڇڏيندا. مثال طور بجلي ٺاهيندڙ ڪمپنين، ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪارخانن، ڪمرشل صارفين  کي گيس هاڻي سو سيڪڙو جي لڳ ڀڳ مهانگي ملندي جنهن جو مطلب اهو آھي گيس قيمتن ۾ واڌ سبب به بجلي قيمتن ۾ واڌ ته ٿيندي پر ڀاڻ جون قيمتون به وڌي وينديون جنهن سان زراعت جو شعبو اڃان وڌيڪ متاثر ٿيندو. ايئن ڪمرشل صارفين لاءِ گيس قيمتن ۾ واڌ سان انهن جي پراڊڪٽ جي لاڳت ۾ اضافو ٿي ويندو ان جو به آخرڪار بار عام ماڻهو تي پوندو. مني بجيٽ ڪالھه اڃان پيش ئي نه ٿي هئي ته حڪومت سگريٽن تي ٽيڪسن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو نه رڳو ايترو پر آء ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد لاءِ تمام شين تي سيلز ٽيڪس جي شرح وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويو آھي جنهن سان کاڄرو تيل کان وٺي بسڪيٽس، ٻارن جي رانديڪن کان ميڪ اپ، جام جيلي کان نوڊلز لوشن ۽ صابڻ  تائين سموريون شيون مهانگيون ٿي ويون آھن. اهو به عجيب تماشو آھي ته مني بجيٽ جي منظوري کان اڳ ئي ايف بي آر  پاران ٽيڪسن ۾ اضافو ڪيو وڃي. اگر ايف بي آر کي اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ ئي ٽيڪسن ۾ اضافو ڪرڻو هيو ته پوءِ مني بجيٽ ڇو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي آھي. ڇا اهو عمل پارليامينٽ جي حدن، اختيارن ۾ مداخلت ۽ پارليامينٽ جي حڪومت هٿان توهين نه آھي. ڇا اهو عمل پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ تصور ڪرائڻ جهڙو عمل نه آھي. سوال هي به آھي ته حڪمرانن جي ناڪامين ۽ نااهلين جي سزا هر ڀيري عوام کي ئي ڇو ملي ? ملڪ کي تجربي گاه بنائي هنن حالتن ۾ آڻي بيهاريندڙن جو احتساب ڇو نه ٿيڻ گهرجي.

عمران خان پنهنجي حڪومت خلاف آمريڪي سازش ٿيڻ جو موقف اختيار ڪري عوام کي پاڻ طرف ڪيو ۽ هاڻي چئي رهيو آھي ته ان جي حڪومت خلاف آمريڪي سازش نه ٿي اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر باجوا حڪومت خلاف سازش ڪئي، ڇا ان جي جانچ نه ٿيڻ گهرجي ته عمران خان پهريان سچ ڳالهائي رهيو هيو يا هاڻي سچ ڳالهائي رهيو آھي. ڇا ان مامري تي ڪنهن عدالت کي پاڻمرادو نوٽيس نه وٺڻ گهرجي ڇو ته ان آمريڪي سازش سان عمران خان موجوده حڪومت کي شامل قرار ڏئي ملڪ اندر سياسي افراتفري جاري رکي جنهن ملڪ اندر معاشي حالتن کي وڌيڪ ڳنڀير بنائي ڇڏيو جنهن جو نتيجو مهانگائي جي صورت ۾ عام ماڻهن کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آھي. عمران خان جهڙي نموني اڳوڻي آرمي چيف تي الزام هڻي رهيو آھي انهن الزامن جي جانچ ٿيڻ گهرجي اهو به ڏسڻ گهرجي ته عمران خان چار سالن تائين جنرل باجوا جا گيت ڇو ڳائيندو رهيو هاڻي جنرل باجوا کي ولين ڪري پيش ڇو ڪري رهيو آھي. جانچ تي ان جي به ٿيڻ گهرجي ته ڇا پي ٽي آء کي اقتدار ۾ هڪ منظم پلان تحت آندو ويو اگر پلان تحت آندو ويو ته ان جا مقصد ڇا هئا اهو به ڏسڻ گهرجي ته ڇا عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ٻين پارٽين لاءِ ڌرتي تنگ ٿي ,ڇا مختلف پارٽين جي اڳواڻڻ جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي اگر اهو عمل سچ نڪري ته ان جو ازالو ڇو نه ٿيڻ گهرجي.  ماضي ۾ به اهڙي قسم جي پلانن تحت مختلف پارٽيون ٺاهيون ويون پر انهن مامرن تي ڪا جانچ نه ٿي نتيجي ۾ اها صورتحال هن ڀيانڪ موڙ تي اچي پهتي آھي جنهن صورتحال ۾ عوام ۾ ست ئي نه رهيو آھي. هن ملڪ ۾ عام ماڻهن جي ڀوڳڻ جو عمل طويل ٿي ويو آھي عوام لاءِ هاڻي آساني جو دور اچڻ گهرجي پر هن صورتحال ۾ ته اهو عمل ٻٻرن کان ٻير گهرڻ وانگر آھي ڇو ته عوام لاءِ آسانين بجاءِ عام ماڻهن لاء زمين تنگ ڪئي وئي آھي ۽ انهن لاءِ گهٽ ۽ ٻوسٽ جي ماحول کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آھي. انهن حالتن باوجود ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ به عروج تي آھي. گذريل چار سالن ۾ جيئن مهانگائي جا رڪارڊ قائم ٿيا آھن ائين گذريل چئن سالن ۾ جيئن سياسي ڌريون عوام اڳيان نروار ٿيون آھن تاريخ ۾ ائين شايد ڪڏهن ٿيو هجي. سياسي ڌرين جي مامرن کي ڏسي اهو واضح ٿي رهيو آھي ته اڪثر سياسي پارٽين کي پنهنجو سياسي مفاد ۽ فائدو عزيز آھي ان لاءِ عوامي مفان کي قربان ڪرڻ کان به پاسو ڪرڻ مناسب نٿو سمجهيو وڃي.  ملڪي سياست تي نظر وجهجي ٿي ته اهو واضح محسوس ٿي رهيو آھي جڏهن عمران خان اقتدار ۾ هيو تڏهن هو ايندڙ پنج سالن جي حڪمراني جي به پلاننگ ڪري رهيو هيو جڏهن موجوده حڪمران اتحاد کي لڳو ته عمران خان اگر حڪومت ۾ رهيو ۽ ان جنرل فيض حميد کي آرمي چيف بنايو ته انهن جو ايندڙ ڇونڊن بعد به اقتدار ۾ اڇڻ مشڪل آھي ته انهن عمران خان کي عدم اعتماد ذريعي هٽائي ڇڏيو. ايئن عمران خان پنهنجي سياسي فائدي لاءِ ملڪ ۾ سياسي استحڪام ٿيڻ نه ڏنو اهو ئي سبب آھي ته اهي سياسي ڌريون وائکيون ٿي رهيون آھن.  ايئن گذريل چئن سالن ۾ جيئن اسٽيبلشمينٽ وائکي ٿي آھي ۽ جيئن ميڊيا ۽ جلسن ۾ اسٽيبلشمينٽ کي بحث هيٺ آندو ويو آھي ايئن به تاريخ ۾ ڪڏهن نه ٿيو. اسٽيبلشمينٽ جي سياست ۾ مداخلت ڪيئن ٿيندي آھي انهن مامرن تي عوامي سطح تي بحث کان پاسو ڪيو ويندو هو پر عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ بعد اسٽيبلشمينٽ جو حڪومتي وهنوار ۾ ڪيترو عمل دخل رهيو آھي ان جو روز عمران خان ذڪر ڪري رهيو آھي. عمران خان بار بار اهو چئي رهيو آھي مان وزير اعظم هئس اختيار مون وٽ نه پر جنرل باجوا وٽ هئا ڪاش عمران خان کي سول بالادستي جو فڪر وزير اعظم جي عهدي دوران ٿئي ها ته عمران خان ايئن جنرل باوجوا جي مسلسل تعريفن جا پل نه ٻڌندو رهي ها. آخر ۾ اوهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته قومي اسيمبلي جو اجلاس ساڍي ٽين وڳي ٿيڻو هو  پر اجلاس لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس ان ڪري طلب ڪيو ويو جو مني بجيٽ آرڊيننس ذريعي لاڳو ڪرڻ لاءِ صدر عارف علوي آرڊيننس جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو. سوال هي آھي ته اگر عوام تي بار وجهڻ لاءِ آرڊينسس جاري ڪرڻ صدر کي مناسب نه لڳو ته پوءِ صدراسيمبلي جو اجلاس ڇو طلب ڪيو. اهو مامرو ظاهر ڪري ٿو ته اسان وٽ ڪيئن هر مامري تي سازش ٿئي ٿي. اوهان کي ٻڌايان ته جنهن وقت قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته ان وقت ايوان ۾ رڳو 34 ميمبر موجود هئا ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عوام مٿان مهانگائي جي بار رکڻ لاءِ ٿيندڙ اجلاس ۾ ميمبرن جي ڪيتري عدم دلچسپي آھي. اسان ته سمجهو پئي ته قومي اسيمبلي جا ميمبر سڌي ريت چونڊ وڙهي ايندا آھن عوام مٿان ٽيڪسن جو بار پوڻ تي اعتراض واريو ويندو اهو اعتراض  جائز ان ڪري ٿئي ها جو سال ۾ هڪ ڀيرو بجيٽ پيش ٿيندي آھي پر ڪالھ لڳ ڀڳ هڪ نئين بجيٽ پيش ڪئي وئي جن ميمبرن ان تي اعتراض وارڻ لاءِ اجلاس ۾ اچڻ مناسب نه سمجهيو اهي هاڻي بجيٽ جي منظوري تي اعتراض ڪندا? ڇو ته بجيٽ تي ووٽ ميمبر رڳو پارٽي جي هدايت تي ڏئي سگهن ٿا. قومي اسيمبلي جا لڳ ڀڳ اڌ ميمبر استعيفا ڏئي چڪا آھن باقي رهيل ميمبرن جي به اجلاس جي ڪارروائي ۾ عدم دلچسپي هوندي ته پوءِ ڇا خالي خالي ايوان جا منظر ان جي عزت ۾ اضافو ڪندا? خير مني بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿي چڪي آھي  اسپيڪر اهو اعلان ڪيو ته مني بجيٽ غور لاءِ ڪاميٽي ڏي نه ويندي. ناڻي واري وزير مني بجيٽ تي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ تقرير ڪئي عمران خان تي تنقيد ڪئي مجبورين جو اظهار ڪيو ۽ آء ايم ايف کان قرض ملڻ بعد ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿيڻ جي ڳالھ ڪئي. پي ٽي آء جي منحرف ميمبر نور عالم خان تقرير ۾ تنقيد ته ڪئي پر مخالف ڌر واري تقرير محسوس نه ٿي رهي هئي. جماعت اسلامي جي چترالي صاحب چيو ته اسان آمريڪا جا غلام آھيون آزاد ناهيون. قومي اسيمبلي بعد سينيٽ ۾ به ناڻي وزير مني بل پيش ڪيو. امڪان آهي ته اهو جمعي تي منظور ٿي ويندو.

لڳي ته اهو به ٿو ته قومي اسيمبلي مان مني بل آساني سان حڪومت منظور ڪرائي وٺندي ڇو ته هن وقت نالي ماتر ئي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ۾ پي ٽي آء جا منحرف ۽ جي ڊي اي جا ميمبر ويٺل آھن اگر پي ٽي آء جا ميمبر هجن ها ته حڪومت کي بل منظور ڪرائڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ها. پر ان جي ابتڙ ڪالھه سڪون سان قومي اسيمبلي ۾ اسحاق ڊار مني بجيٽ پيش ڪئي. قومي اسيبمبلي ۾ نه ڪو نعرو حڪومت خلاف لڳو نه ئي ڪنهن ناڻي وزير جي تقرير دوران احتجاج ڪيو جيتري پرسڪون ماحول ۾ اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪيو اوتري ئي شديد گوڙ هنگامي ۽ احتجاج جي صوتحال کي کيس سينيٽ ۾ منهن ڏيڻو پيو. سينيٽ ۾ بل پيش  ڪرڻ لاءِ جيئن ئي ناڻي جو وزير اٿيو ته مخالف ڌر سيٽن تي بيهي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. مخالف ڌر مني بل کي ڦاڙي اڇلائي سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس جو به گهيراء ڪيو  سخت گوڙ ۾ سينيٽ چيئرمين بل غور لاءِ ڪاميٽي کي موڪلي ان تي سفارشون جمعي تي طلب ڪري ورتيون آھن اهو ئي سبب آھي ته حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش هوندي ته جمعي تي مني بجيٽ منظور ڪرائي وٺي. پر سوال هي آھي ته ايئن ڪيستائين هلندو. حيرت جي ڳالھ اها آھي ته وزير اعظم بعد سڀ کان وڌيڪ طاقتور تصور ٿيندڙ ناڻي واري وزير قومي اسيمبلي ۾ مطالبو ڪيو ته ملڪ جي هي معاشي صورتحال ڇو ٿي آھي بابت ڪميشن قائم ٿيڻ گهرجي. خبر ناهي ڊار صاحب حڪومت ۾ هوندي مطالبو ڇو ڪيو هو، چاهي ته ڪميش قائم ڪرائي سگهي ٿو. باقي اسحاق ڊار جي پيشڪش اهم آھي جنهن ۾ هن ملڪي معاشي ايجنڊا تيار ڪرڻ لاءِ سمورين پارٽين کي گڏجي ويهڻ جي دعوت ڏني آهي جيڪا اڳ ۾ وزيراعظم به ميثاق معيشت جي نالي تي ڏئي چڪو آهي پر مخالف ڌر پي ٽي آء ان کي قبول نه ڪيو هو.  اهو درست آھي جيستائين ملڪي معاشي مامرن توڙي ٻين ملڪي مفادن جي مامرن تي سياست ٿيندي ۽ ھر پارٽي جي اها ڪوشش هوندي ته ڪا حڪومت ڪامياب نه ٿئي ته پوء نه ملڪ جو ڀلو ٿي سگهندو نه عام ماڻهو لاء ڪا بهتري جي صورتحال قائم ٿي سگهندي. تنهن ڪري سياسي ڌريون ڀلي ٻين سياسي مسئلن تي هڪٻئي جي مخالفت ڪنديون رهن پر معيشت جهڙي اهم معاملي تي کين گڏ ويهڻ گهرجي.