ڇا عورتن ۽ مردن کي سماجي طور الڳ رکڻ سان حراسمينٽ ختم ٿيندي؟

0
166
ڇا عورتن ۽ مردن کي سماجي طور الڳ رکڻ سان حراسمينٽ ختم ٿيندي؟

جنھن به سماج ۾ عورت ۽ مرد کي الڳ سمجھيو ويندو آھي يا فرق رکيو ويندو آھي، اھو سماج ترقي ناھي ڪري سگھندو.ڇاڪاڻ ته قدرت عورت ۽ مرد کي ھڪجھڙو تخليق ڪيو آھي.پوءِ اھا ذھني صلاحيت جي ڳالھه ھجي، عقل ۽ شعوري طور مرد ۽ عورت برابر آھن. عورت ۽ مرد جي وچ ۾ فرق سماج  ھٿرادو پيدا ڪيو آھي، جنھن سان سماجي ترقي متاثر ٿئي ٿي. سماجي ترقي جو عمل عورت توڙي مرد جي گڏيل عمل جو نتيجو آھي.قدرت اسان کي برابر طاقت ڏني آھي، قدرت صرف جسماني فرق رکيو آھي،ان جو سبب اھو آھي ته عورت ٻار پيدا ڪري سگھي ٿي، عورت ڪائنات جي خوبصورت تخليق ڪري سگھي ٿي،

                 ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت قدرت عورت کي ڏني آھي، باقي سماجي فرق معاشري جو پيدا ڪيل آھي. پر مسئلو اھو آھي ته حڪومتي سطح تي عورت جي تحفظ لاءِ جيڪي قدم کنيا وڃن ٿا اھي ساراھه جوڳا آھن، پنڪ بس پڻ اھم ۽ بھترين قدم آھي، پر اھو قدم مسئلن جو حل ناھي. پنڪ بس وارو قدم عورت ۽ مرد ۾ جينڊر ڊسڪرمنيشن  کي واضح ڪري ٿو.

ھتي سوال اھو آھي ته  پنڪ يا گلابي بس کان پوءِ گھر جي سفر تائين ، يا ڪم ڪار جي جڳھين ، بس اسٽاپز تي عورت ڪيترو محفوظ آھي؟  منھنجو سماج کان ۽ حڪومت کان بنيادي سوال اھو آھي ته  پنڪ يا گلابي بس مان لھڻ کان پوءِ عورت پنھنجي گھر تائين ڪيتري محفوظ آھي؟ ڇا ان سموري مرحلي ۾ گھٽيون، پارڪ محلا، رستا ،آفيسون عورت لاءِ محفوظ جھڳيون آھن؟ منھنجي خيال ۾ عورت ڪٿي به محفوظ ناھي، بنيادي مسئلو اڻبرابري جو آھي جيستائين معاشري مان اھا ڻبرابري ختم نه ٿيندي عورت ۽ مرد جي وچ ۾ اھو تضاد موجود رھندو، حڪومت کي گھرجي ته عورت ۽ مرد جي وچ ۾  سماجي طور پيدا ٿيل فرق کي ختم ڪري باقي پنڪ يا گلابي بس ۾ عورتن جو الڳ  سفر ڪرڻ سان حراسمينٽ جھڙو مسئلو حل نه ٿي سگھندو.

پوءِ ان لاءِ حڪومتي سطح تي ڪھڙا اپاءُ ورتا ويا آھن، ڇا عورت پنڪ بس کان پوءِ سماجي طور پاڻ کي محفوظ سمجھي ٿي! اسان سڀني کي گڏيل طور حراسمينٽ کي روڪڻو آھي ته اسان کي ان جا بنيادي سبب ڳولڻا پوندا جيڪي معاشري جي ھر شعبي ۾ اسان کي اھڙا مثال ملندا جتي عورت سان حراسمينٽ جھڙا واقعا ٿين ٿا، ڪڏھن ڪڏھن ته عورت انھن واقعن جو پنھنجي گھر وارن توڙي سماج جي اڳيان اظھار نه ٿي ڪري سگھي.

آفيسن ۾ ٿيندڙ حراسمينٽ جا واقعا عورت جي معاشي مجبوري سان جڙيل آھي. ڇاڪاڻ ته عورت جڏھن گھر جي چار ديواري کان ٻاھر پير رکي ٿي ته اھو قدم معيشت جي مجبوري سان جڙيل ھوندو آھي. عورت کي سماجي طور ڪمزور ڪرڻ ۾ مرد جو وڏو ڪردار آھي. آخر مردن ۾ ايتري فرسٽريشن ڇو آھي جو ھو ڪنھن مجبور عورت کي درست نموني سان ڪم ڪرڻ جي آزادي به نٿا ڏين؟ منھنجي خيال ۾ ان جو سبب اھو آھي ته عورت ۽ مرد کي الڳ ڪري پيش ڪيو ويو آھي. عورت کي معاشري ۾ ته اھا آزادي ناھي مليل جيڪا آزادي سندس حق آھي، پر جڏھن ھو پنھنجي معيشت جي بھتري لاءِ ٻاھر نڪري ٿي ته کيس اتي الڳ تنگ ڪيو وڃي ٿو، آفيس، بس اسٽاپ، گھٽيون رستا ايتري قدر جو عورت پنھنجي گھر ۾ به پاڻ کيمحفوظ نٿي سمجھي ته ڇا اتي پنڪ بس مسئلن جو حل آھي؟

منھنجي نظر ۾ پنڪ بس عورت ۽ مرد جي وچ ۾ جنسي فرق جي تضاد کي وڌيڪ ھٿي ڏيندي، اھو فرق تڏھن ختم ٿيندو جڏھن عورت ۽ مرد گڏيل طور ان سماجي فرق کي ختم ڪندا.

منھنجي خيال ۾ جڏھن به عورت ۽ مرد کي الڳ سمجھيو ويندو يا الڳ تصور ڪيو ويندو ته وڌيڪ مسئلا جنم وٺندا. عورت ۽ مرد کي ھڪٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي تربيت ڏني وڃي، جيترو ٻنھي کي الڳ رکيو ويندو مسئلا وڌيڪ پيچيدہ ٿيندا. فطري طور ٻنھي جنسن ۾ اٽريڪشن  يا ڇڪوڌندي. ڇاڪاڻ ته اسان ڄاڻي واڻي ان فرق کي ھٿي ڏيون ٿا.

ايتري قدر جڏھن به ڪا عورت ميڊيڪل اسٽور تي ويندي آھي جتي عورت پنھنجي ضرورت جو سامان دڪاندار کان وٺندي آھي ته عورت کي عجيب محسوس ڪرايو ويندو آھي، ضرورت جي سامان کي به خاڪي پنن ۾ ويڙهي سيڙھي ڏنو ويندو آھي، ڄڻ عورت ڪا غير قانوني شيءَ جو مطالبو ڪيو ھجي. پر ساڳي ئي دڪان تي جيڪڏھن مرد ڪا شيءَ خريد ڪندو آھي ته ان کي اھو احساس ناھي ڏياريو ويندو ڇاڪاڻ ته ھو ھڪ مرد آھي کيس مردانگي جا سمورا اختيار مليل آھن. جنھن جو استعمال مرد بخوبي ڄاڻي ٿو. پر عورت اختيار جي معاملن ۾ سماج جي محتاج آھي کيس سماج کان ھر ڳالهھ جو خيال رکڻو پوي ٿو.

اڄ ڪلھه جي دور ۾ جتي ھر شعبي ۾ عورت پاڻ کي غير محفوظ سمجھي ٿي، مختلف ھنڌن تي عورتن سان حراسمينٽ جا وقعا روز جو معمول بڻيل آھن، انھن واقعن کي جڙ کان ختم ڇو نٿو ڪيو وڃي، ان جي سببن کي جاچڻ لاءِ گڏيل طور مطالعي جي ضرورت آھي ته آخر عورت ۽ مرد کي عوامي ھنڌن تي الڳ ڪرڻ سان ڇا عورتن سان ٿيندڙ حراسمينٽ جي واقعن ۾ ڪمي ايندي؟ ان کان سواءِ جيڪي عورتون ننڍن شھرن توڙي ٻھراڙين ۾ ڪم ڪار ڪن ٿيون، ڇا اتي عورتن سان حراسمينٽ جا واقعا نٿا ٿين؟

ننڍن شھرن ۽ ٻھراڙي جي علائقن ۾ عورت بلڪل به محفوظ ناھي، اتي عورت کي اھا به ڄاڻ ناھي مليل ته حراسمينٽ کان پوءِ عورت کي ڇا ڪرڻ گھرجي ڪھڙا قانوني قدم وٺي سگھي ٿي. ڇاڪاڻ ته اسان ھڪ پوئتي پيل زرعي سماج ۾ رھون ٿا. اھو سماج جتي عورت  جديد تعليم کان محروم آھي. انھن علائقن ۾ عورت ايتري خودمختيار ناھي جيتري وڏن شھرن ۾ آھي. ننڍن شھرن ۽ ٻھراڙي جي علائقن ۾ عورتن سان ٿيندڙ حراسمينٽ جي واقعن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪيترو سنيجدہ آھي، حڪومت ڪھڙا اپاءِ ورتا آھن. انھن عورتن کي شعور ڪير ڏيندو، کين اھو ڪري ٻڌائيندو ته عورت ۽ مرد برابر جا شھري آھن. ان حوالي سان حڪومت کي گھرجي ته ٻھراڙين ۽ ننڍن شھرن ۾ عورت ۽ مردن جا گڏيل طور ورڪشاپ ڪرايا وڃن، ٻنھي جي وچ ۾ گڏيل طور بحث مباحثا ڪرايا وڃن ته جيئن عورت ۽ مرد ھڪٻئي جي مسئلن کان واقف ٿين، عورت ۽ مرد جي وچ ۾ پيدا ٿيل سماجي وڇوٽي ختم ٿئي ۽ گڏجي مسئلن جي حل لاءِ نوان رستا اختيار ڪن.