ڪراچي (نمائندن وٽان + م ڊ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن سبب واقعن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو، ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به هلڪي برسات پئي، موسم خوشگوار ٿي وئي، پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن سبب هيٺانهين وارا علائقا ٻڏي ويا. تيز برسات سبب ندين نالن ۾ چاڙهه اچي ويو، دير بالا جي ندي نالن ۾ چاڙهه سبب سياحن جي گاڏي برساتي نالي ۾ لڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪوهاٽ ويجهو برساتي نالي ۾ 7 ماڻهو لڙهي ويا. فيصل آباد، نارو وال جهنگ، چنيوٽ ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. چناب نگر، شانگله، پنڊي ڀٽيان ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. عيسيٰ خيل ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي. شهرن جا رستا بند ٿي ويا. سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل کي به سخت نقصان پهتو. پنڊ دادن خان ۾ تيز برسات سبب پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. ميانوالي ۾ برسات سبب ڇت ڪري پئي جنهن سبب ملبي هيٺيان دٻجي ٻارڙي فوت ٿي وئي، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه برسات سبب نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب برساتن سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا. گهرن کي به نقصان پهتو. موسم جو حال ٻڌائيندڙن برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.