اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڀارت پاران وزيراعظم عمران خان جي فون هيڪنگ وارو معاملو لاڳاپيل فورمز تي اٿاريو ويندو، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هيڪنگ جا تفصيل اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون، ڇا اهو معاملو ڀارت سان اٿاريو ويندو؟ اهڙي سوال تي فواد چوڌري چيو ته اهو معاملو لاڳاپيل فورمز تي اٿاري ويندو. وفاقي وزير چيو ته ڀارتي حڪومت صحافين، سياسي مخالفن جي جاسوسي لاءِ سرائيلي سافٽ ويئر استعمال ڪيو. ڀارت پاران وزيراعظم عمران خان ۽ ڪابينا ميمبرن جا فون هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.