ملڪي ٻولين ۽ ادب کي هٿي وٺرايو: تعليم مفت ڪري بجيٽ ۾ واڌارو ڪريو: اردو ڪانفرنس

0
145
ملڪي ٻولين ۽ ادب کي هٿي وٺرايو: تعليم مفت ڪري بجيٽ ۾ واڌارو ڪريو: اردو ڪانفرنس
ملڪي ٻولين ۽ ادب کي هٿي وٺرايو: تعليم مفت ڪري بجيٽ ۾ واڌارو ڪريو: اردو ڪانفرنس

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) ڪراچي آرٽس ڪائونسل پاران ڪرايل اردو عالمي ڪانفرنس ۾ قرارداد ذريعي مطالبو ڪيو ويو آھي ته گڏيل قومون ۽ موثر عالمي قوتون اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ ۽ فلسطين کي ھڪ پر امن خطو بڻائڻ جي ذميواري پوري ڪن ، اسان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي جي مذمت ڪندي عوام جي حق خود اراديت ۽  ان جي آزادانه جمھوري ماحول ۾ رھڻ جي حق جي حمايت ڪريون ٿا

قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان جي مختلف ٻولين ۽ انھن جي ادبيات جي ترقي جو ڪم غير معمولي اھميت جو حامل آھي ان ڏس ۾ حڪومتن جي مالي ۽ انتظامي ذميوارين جي تڪميل اڻٽر آھي ، اسين مطالبو ڪريون ٿا ته يونيورسٽين ۽ انهن کان ٻاھر به ترجمي جا ادارا قائم ڪيا وڃن، قراردادن ۾ چيو ويو ته آرٽس ڪائونسل پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي نالي سان  لاھور، آزاد ڪشمير ۽ سکر ۾ ڪامياب ڪانفرنسون ڪيون، جن مان ثابت ٿيو ته ماڻھو ثقافت کي اھميت ڏين ٿا ۽ مختلف ٻولين ۾ لکيل ادب کي قبوليت ملي ٿي، ٺهراءُ موجب اسان جو نئون نسل تعميري ۽ مثبت سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ بي چين آھي، پاڪستان جي آبادي جو 60 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آھي، اھي نوجوان پاڪستان جو مستقبل آھن

حڪومتن ۽ وسيلا رکندڙ ڌرين جو فرض آھي ته اهي نوجوانن  کي پنھنجون صلاحيتون اڀارڻ لاءِ موقعا فراھم ڪن. تعليم کي مفت ۽ لازمي بڻائي تعليمي بجيٽ ۾ واڌارو ڪيو وڃي، ھڪ قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ڪاغذ جا ڪارخانا ھنيا وڃن، تيستائين ڪتابن جي ڇپائي لاءِ گهربل  ڪاغذ تي سبسڊي ڏني وڃي. ھڪ ٻي قرارداد ۾ چيو ويو ته ڪتابن ۽ رسالن جو ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاھر موڪلڻ ناممڪن بڻجي چڪو آھي، اسين مطالبو ٿا ڪريون ڪتابن جي رسد ( ٽپال ) جا اگهه گهٽايا وڃن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان ھڪ قرارداد ذريعي مطالبو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ لائبريرين کي زنده ڪيو وڃي. هڪ قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان جي سمورين ٻولين ۽ انھن جي ادب جي ترقي ۽ قومي ايڪتا لاءِ آئين ۾ ڏنل شقن تي لفظي ۽ معنوي ٻنھي صورتن ۾ عمل ڪيو وڃي. عالمي اردو ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته اردو ڪانفرنسن ۽ لٽريچر فيسٽيولز ذريعي پاڪستاني معاشري جي جيڪا سٺي تصوير نمايان ٿي آھي، اھو ئي پاڪستان جو مستقل چھرو ھجڻ گھرجي ، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي انهن ڪوششن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گھرجي