خيرپور ۾ ايڪتا جا رنگ نکري پيا: سياسي سماجي تنطيمن جون ريليون، نوجوانن جو رقص

0
153

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي اچو ته نئين سنڌ اَڏيون جي سري هيٺ ايڪتا ملهائي وئي

ان ڏس ۾ جسقم، وائيس آف خيرپور، سپاف، پ پ ڪلچرل ونگ، خيرپور يوٿ ڪائونسل، ريڙها مزدور يونين ۽ ٻين قومپرست تنظمين جي ڪارڪنن جون ريليون امجد مهيسر، اڪبر مڪول، شهباز ڦلپوٽو، مصطفي ڏهوٽ، گل بانو، رابيل ڦلپوٽو، مقصود سومرو، مظهر شيخ جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون

تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته قوم جو وقار ان جي ثقافت ۽ تهذيب جي ڪري ئي زندهه رهندو آهي، جيڪي قومون پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب جي حفاظت ڪرڻ ناهن ڄاڻنديون انهن مٿان هميشه ڌاريا ئي قابض رهندا آهن

هنن چيو ته اها سنڌي ثقافت ۽ تهذيب ئي آهي جيڪا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين کي ڳنڍي رهي آهي، اڄ جو سنڌي نوجوان جيڪڏهن سجاڳ ٿي پئي ته سنڌ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻيل سمورين رنڊڪون ختم ٿي سگهن ٿيون، هوڏانهن نوجوانن شهر جي مک چوڪن تي ايڪو سائونڊ اسٽال لڳائي قومي گيتن تي رقص ڪيو

هي به پڙهندا

سکر ۽ فيض گنج ۾ ايڪتا ملهائيندڙ 75 ڄڻن خلاف بغاوت ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جا ڪيس داخل