جنرل باجوه ڊونلڊ لو جي چوڻ تي سڀ ڪجهه ڪيو، کيس عدالت گهرائيندس: عمران خان

0
160
عمران خان جيل مان اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
عمران خان جيل مان اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سائفر ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه ڊونلڊ لو جي چوڻ تي سڀ ڪجهه ڪيو، جنرل رٽائرڊ باجوه کي عدالت گهرائيندس

اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران عمران خان چيو ته سائفر ڪيس ۾ جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه ۽ آمريڪي سفارتخاني جي آفيشلز کي گواهه بڻائيندس

عمران خان وڌيڪ چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڊونلڊ لو جي چوڻ تي سڀ ڪجهه ڪيو، جنرل باجوه کي عدالت گهرائيندس

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته مون سان ڪنهن به ڳالهيون ناهن ڪيون، لکي ڏيان سگهان ٿو ته اليڪشن پي ٽي آءِ کٽيندي

عمران خان جو چوڻ هو ته مونکي جهڙي ريت پڪڙيو ويو، اِهو هڪ پلان هو، نواز شريف لنڊن پلان کانپوءِ پاڪستان آيو، جيل ۾ ڪنهن به ڏکيائي ۾ ناهيان، جيل ۾ رهڻ کي عبادت سمجهان ٿو

خاور مانيڪا جي الزامن بابت عمران خان چيو ته مون بشريٰ بيبي کي تڏهن ڏٺو جڏهن نڪاح ٿيو، ٻارڙن کي پنهنجي ماءُ خلاف بيان ڏيڻ لاءِ چيو پيو وڃي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ڪجهه سياسي اڳواڻن جي پارٽي ڇڏڻ سان شڪر ادا ڪيان ٿو

هي به پڙهندا

عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو