ملڪي سياست ۾ ڀونچال ۽ ادارن جو آئيني ڪردار

0
230
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪي سياست ۾ هر نئون ڏينهن نئون ڀونچال آڻي رهيو آهي ۽ خبر نه ٿي پوي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ڪنهن کي به ڪا حالتن جي پڪ ناهي ۽ هر ڪو غير يقيني جو شڪار آهي.ٻه ڏينهن اڳ اوچتو پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻ فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس گهڻن ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيو ته ڪالهه وري ملڪي تاريخ ۾ شايد پهريون دفعو ڪنهن ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو ته سياسي حالتون ڪٿي وڃي پهتيون آهن جو انهي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي به پريس ڪانفرنس ۾ ويهڻو پيو جنهن پنهنجي مقرري کانپوءِ اهي هدايتون جاري ڪيون هيون ته نه هن جو ڪٿي ڪو فوٽو ڇپيو وڃي نه ئي وري ڪنهن ملاقات يا ميٽنگ جي وڊيو ۾ کيس ڏيکاريو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن جو ڪم ئي آهي ته هو پردي پٺيان رهي پنهنجو فرض پورو ڪري جيڪا سندس عهدي جي گهرج به آهي. ۽ سال تائين ايئن ٿيندو به رهيو پر ڪالهوڪي پريس ڪانفرنس ان ڪري غير معمولي هئي جو ان ۾ڊي جي آءِ ايس آءِ به مجبوري جي حالت ۾ شرڪت کي ضروري سمجهيو.

پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس آءِ ان جو اظهار به ڪيو ته هو ڪو پنهنجي ذات يا ذاتي تشهير لاءِ ناهي آيو پر جڏهن معاملو اداري ۽ منهنجي آفيسرن تي بيجا الزامن جو هجي ته مونکي هتي اچڻو پيو آهي.اهو الزامن جو معاملو انهي سائفر کانپوءِ شروع ٿيو آهي جنهن لاءِ عمران خان ۽ سندس پارٽي جي دعويٰ آهي ته رجيم چينج سازش ۾ شامل ٿي سندس حڪومت کي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽايو ويو ۽ هن نالا کڻڻ کانسواءِ اهم شخصيتن کي مير صادق ۽ مير جعفر  ڪوٺيو، پر تازو صحافي ارشد شريف جي قتل کانپوءِ انهن الزامن ۾ تيزي آئي، ڇاڪاڻ ته ارشد شريف انهي بيانيي جو وڏي ۾ وڏو حمايتي هو ته عمران حڪومت آمريڪي سازش ذريعي هٽائي وئي آهي ۽ انهي جي قتل کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ادارن تي ان جو الزام لڳايو ويو،جنهن ڪري به انهي پريس ڪانفرنس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ پاڻ شريڪ ٿيو. ملڪ ٺهڻ کان وٺي جمهوري سياسي ڌريون اها جدوجهد ڪنديون رهيون آهن ته ادارا سياست کان پاسيرا رهي پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪن پر جيئن ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ پاڻ انهي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ماضي ۾ اسان کان غلطيون ٿيون هونديون پر سال کن کان بطور اداري اهو فيصلو ڪيو آهي ته اسان پنهنجي آئيني ڪردار تائين محدود رهنداسين جنهن ڪري ئي اسان کي ڪن سياسي ڌرين طرفان اهي الزام ۽ مير جعفر ۽ مير صادق جا لقب ڏنا پيا وڃن.ڪيڏي نه بدقستمي جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ طرف ادارا انهي ڳالهه کي محسوس ڪندي ته آئيني طريقي تي هلڻ کانسواءِ ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي ۽ هو پاڻ کي سياست ۾ مداخلت کان پاسيرو ڪري رهيا آهن ته ڪجهه سياسي اڳواڻ وري انهن کي سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن،جنهن ڪري شايد ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊي جي آءِ ايس آءِ کي ايئن پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي آهي يا ان ۾ شرڪت ڪرڻي پئي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن ادارن اهو فيصلو ڪيو آهي ته اهي اڳتي ڪنهن به سياسي معاملي ۾ مداخلت نه ڪندا ۽ پاڻ کي رڳو پنهنجي آئيني ڪردار تائين محدود رکندا ته اهو بهترين فيصلو آهي ۽ انهي جي سڀني کي آجيان ڪرڻ گهرجي باقي رهيا ملڪي  سياسي معاملا ته اهي سياستدان پاڻ ۾ ويهي حل ڪري سگهن ٿا يا ڳالهائي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته سياست ۾ نظرياتي اختلاف ٿيندا آهن ڪي به مستقل دوستيون يا دشمنيون نه ٿينديون آهن جو هڪٻئي سان ويهي ڳالهائي نه سگهجي.تنهن ڪري سڀني سياسي ڌرين کي پنهنجي سياسي معاملن لاءِ ادارن کي استعمال ڪرڻ يا مداخلت جي دعوت ڏيڻ بدران  انهن جي غير سياسي ڪردار جي ساراهه ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجا اختلاف ۽ سياسي معاملا  پاڻ ۾ ويهي نبيرڻ گهرجن يا آئيني حدن ۾ رهي احتجاج ذريعي دٻاءَ وجهي حل ڪرائڻ گهرجن، ان ۾ ئي سڀني جي بهتري آهي.