عمرڪوٽ ۾ منشيات جو وڪرو روڪرايو

عمرڪوٽ ضلعو ھيڊ ڪوارٽر شھر ھئڻ سان گڏ سنڌ جي ٻين ضلعي ھيڊ ڪوارٽر شھرن جي مقابلي ۾ گھڻو پرامن رھيو آھي. باقي رھي منشيات جي وبا ان کي ته گذريل 20 سالن کان ايڪسائيز ۽ پوليس حڪام نالي وارن منشيات فروشن کي کلي ھنڌن ۽ عوامي روٽن تي وڏي منٿلي عيوض وڪرو ڪرڻ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي! مثال وٺو رڳو عمرڪوٽ مين بس اسٽاپ جو جتي کلي عام چرس ۽ آفيم وغيره وکر وانگر وڪرو ڪيو وڃي ٿو. بس اسٽينڊ کان علاوہ ڇور، ڍورونارو، صوفي فقير، پٿورو وغيره ۽ ضلعي جي ٻين شھرن ۾ منشيات کليل عوامي ھنڌن تي پوليس سرپرستي ۾ ھلي رھي آھي. ڪوبه پڇڻ وارو نه آھي، ايڪسائيز ۽ پوليس فقط منٿليون وٺڻ لآءِ آھي. آءِ جي سنڌ پاران پوليس جي منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ وارن پوليس اھلڪارن جو فهرستون طلب ڪرڻ جي نتيجي ۾ ميرپورخاص جي 12 پوليس اھلڪارن جا نالا ان فهرست ۾ آيا آھن، ان حساب سان ته عمرڪوٽ ضلعي جي پوليس اھلڪارن جا نالا وڌيڪ ايندا! پر نفعي بخش ڪاروبار منشيات بند نه ٿيندو. ڏٺو وڃي ته ڪجھه عرصي کان خود ضلعي ھيڊڪوارٽر شھر عمرڪوٽ ۾ چورين ۽ ڦرن جو وارداتون وڌيون آھن. رڳو عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي چورين جي وٺ پڪڙ لڳي پئي آھي. اھي چوٻول آھن ته عمرڪوٽ جي باشندي ۽ ڊي ايس پي پوليس سجان سنگھ سوڍي جي ڪوششن سان چورايل 8 موٽرسائيڪل برآمد ڪيا آھن ۽ ڪجھه چور حراست ۾ ورتا آھن. پر پوءِ به انھن تي ڪيس داخل ڪري ظاھر نه ڪيو ويو آھي. عمرڪوٽ پرامن شھر تي لٽمار ۽ ڦر ڦران لآءِ شھرين جي فلورملن تي يا دڪانن تي پوليس اھلڪارن جي اڳواڻي ۾ فلورمل مالڪن تي اسلحه جي زور تي حملا ٿين ته پوءِ ھنن جو تحفظ ڪير ڪندو؟ جنھن جو تازو مثال عمرڪوٽ شھر جي موتي چوڪ واري علاقي ۾ لوھاڻا فلور مل تي ڦر ڪرڻ لآءِ موٽرسائيڪل سوار 4 ھٿياربندن حملو ڪيو. فلور مل وارن جي مزاحمت تي نقاب پوش ڦورو فرار ٿي ويا، ويندي ويندي فائرنگ ڪري فلورمل مالڪ اشوڪ ڪمار لوھاڻو ۽ نوجوان پٽ سنتوش ڪمار لوھاڻو کي گوليون ھڻي سخت زخمي ڪري ويا. فريادي زخمي اشوڪ لوھاڻو 4 نامعلوم حملي آورن خلاف عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو. اٽڪل ھڪ مھينو اڳ عمرڪوٽ ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او پوليس سچيڏنو سينهڙو جفاڪشي ڪندي 2 حملي آورن پوليس جمعدار جان محمد چوپاڻ ۽ رفيق چوپاڻ رھندڙ فضل چوپاڻ لڳ ڍورونارو جي ٻنھي کي گرفتار ڪري ورتو ۽ پڪڙيل حملي آورن جي فرياد ۽ شاھدن شناخت به ڪئي آھي. گرفتار ڪيلن جو عدالت مان رمانڊ به ورتو آھي. ٻڌايو ته ھاڻي ائين پوليس جمعدار ۽ سپاھي شھرين کي لٽيندا ۽ حملا ڪندا ته پوءِ عوام جو تحفظ ڪير ڪندو ؟

سجاد علي شيخ

ڏياري

ڏياري جو تھوار 24 آڪٽومبر 2022ع تي سومر جي ڏينهن سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ وڏي ڌام ڌوم جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو. ھي ڏهاڙو سڄي دنيا ۾ خوشي سان ملهايو ويندو آهي. ڏياري ھندن جي قومي ڏڻن مان سڀ کان وڏو ڏڻ آهي جيڪو ھر سال ڪتيءَ واري مھيني ۾ ملھايو ويندو آهي. ھن ڏڻ تي ھندو پنهنجا گهر ۽ دڪان وغيره خوبصورت ڏيئن، ميڻ بتين سان سينگاريندا آهن. ڏياري يا ديوالي ھندي لفظ ” ديپاولي ” جي بگڙيل صورت آهي. ڏياري شري رام چندر جي بنواس جا چوڏهن ورھيه پورا ڪري سندس ايوڌيا واپس موٽي اچڻ جي خوشيءَ جي اظهار جي ڪري ملھائي ويندي آهي. ڏياري جي رات کان اڳ هندو پنهنجي گهرن کي رنگ روگن ڪري سينگاريندا آهن ۽ ڏياري جي ڏينهن نوان ڪپڙا پائيندا آهن. روشن دان، در ۽ درين جي سامهو ڏيئا ٻاريندا آهن. ڏيئا گهر جي اندر ۽ گھٽين ۾ پڻ ٻاريندا آهن. دولت ۽ خوشحالي جي ديوي ماتا لڪشمي جي پڻ پوڄا ڪئي ويندي آهي. ڦٽاڪا ڦاڙيا ويندا آهن. ڪيتريون ئي صديون اڳ ڪوشل ديش تي راجا دشرت راڄ ڪندو ھو، سندس گادي جو ھنڌ ايوڌيا ھو. ھن کي ٽي زالون نالي ڪوشليا، ڪيڪئي ۽ سمترا ھيون. وڏي راڻي ڪوشليا مان رام، ڪيڪئي مان ڀرت ۽ سمترا مان لڇمڻ ۽ شتروگھن نالي چار پٽ ھئا. راجا دشرت جڏهن پوڙھو ٿيو ته هن رام چندر کي پنهنجو جانشين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. اھا ڳالهه راڻي ڪيڪئي کي نه وڻي ۽ ھن راجا دشرت کان اڳ ورتل وچن ” واعدي ” مطابق پنهنجي سڳي پٽ ڀرت کي راجگدي تي ويھارڻ ۽ رام کي چوڏهن ورھيه بن موڪلڻ جو مطالبو ڪيو. ان ڳالهه جي خبر جڏهن شري رام کي پئي ته هو پنهنجي پيءُ جي وچن جي پالڻا لآءِ تخت ۽ تاج کي ٺڪرا ئي پنهنجي زال سيتا، ڀآءِ لڇمڻ سان گڏجي بن ” جھنگ ” روانو ٿيو ۽ گھمندو ڦرندو گوداوري ندي جي ڪناري ڊنڊڪ بن ۾ اچي پھتو، جتان لنڪا جو راجا راوڻ دوکي سان سيتا کي اغوا ڪري ويو. سيتا کي آزاد ڪرائڻ لآءِ شري رام دکن جي راجا سگريو ۽ سندس وانر سينا جي مدد سان لنڪا تي چڙھائي ڪئي ۽ سخت مقابلي کان پوءِ راوڻ کي ماري سيتا کي آزاد ڪرايو. جيئن ته ان وقت تائين رام چندر جي بنواس جا چوڏھن ورھيه به پورا ٿي چڪا ھئا، تنھن ڪري ھو سيتا لڇمڻ ۽ ساٿي ھنومان ” بجرنگ بلي ” کي ساڻ ڪري پنهنجي وطن روانو ٿيو. ھو جڏهن ايوڌيا پھتو ته سندس شاندار نموني آجيان ڪئي وئي ۽ سندس تاجپوشي ڪري تخت تي ويھاريو ويو. بنواس واري عرصي دوران رام چندر جيڪو اعليٰ پاڪيزگي، فرمانبداري، قرباني ۽ بلند ھمتي جو مثال قائم ڪيو ان کان متاثر ٿي ايوڌيا وارن پنهنجي دلي خوشي ۽ محبت جو اظهار ڪرڻ لآءِ سڄي ايوڌيا ۾ ڏيئا ٻاري روشنيون ڪيون ۽ خوشيون ملھايون. ان ياد کي تازي ڪرڻ لآءِ ھندو ھر سال ڏياري ملھائيندا آهن.

روشن داس

آءِ جي سنڌ جو بھترين قدم

سنڌ ڌرتي ڪيترا ئي بهادر پٽ ڄڻيا جن تي ناز ڪيون ٿا. انهن مان آءِ جي سنڌ پوليس ڊاڪٽر غلام نبي ميمڻ به هڪ آھي، جنهن جتي به نوڪري ڪئي فرض شناسي جا قصا مشهور آھن. ڪڏھن به ڪنهن غلط ڪم ۾ ڪو ڪمپرومائيز نه ڪيو اهو ئي سبب آھي جو پوري پاڪستان ۾ ان جو نالو مشهور آھي. پوليس جي قانون ۾ تبديلي لآءِ ترميم ڪري رهيو آھي جنهن بعد منشيات فروشي ۾ گرفتار ۽ چالان شخص جي 6 مھينن تائين بيل گرانٽ نه ٿيندي. اھڙي ترميم ان ڪري ڪئي وئي آھي جو سنڌ ۾ منشيات فروشي وڌي وئي آھي، جنھن سان عام صحت کي وڏا نقصان رسيا آھن. سفيد پوش، سياسي سماجي ڪارڪنن کان علاوه صحافت جي آڙ وٺي منشيات فروشي ڪندڙن جو تعداد به تيزي سان وڌيو آھي، جن ۾ ھٿ وجھڻ کان پوليس به لھرائي رھي ھئي ۽ ضلعن جا ايس ايس پيز اھڙن ماڻھن کي رعايتون به ڏين ٿا. ان ڪري آءِ جي سنڌ سخت نوٽيس ورتو آھي ته ڪنھن به منشيات فروش کي بخش نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. منشيات فروشن کي فوري طور گرفتار ڪري ايف آءِ آرون داخل ڪيون وڃن، ان سلسلي ۾ سٺي ڪارڪردگي تي آءِ جي سنڌ پوليس آفيسرن کي انعام ڏئي انھن جي حوصلا افزائي جي ابتدا ڪري ڇڏي آھي ۽ جيڪو پوليس عملدار منشيات فروشي ۾ ملوث نظر آيو ته ان کي نوڪري مان فارغ ڪرڻ جي به وارننگ ڏني وئي آھي. ان سان بهتري جي اميد ڪري سگهجي ٿي.

سيد زوار حسين شاه/ اسلام آباد

شڪارپور جا برسات متاثر رلي ويا

سياست ۾ اخلاقيات جو جنازو ڪافي وقت کان نڪتل آهي، ايتري قدر مخالفت برآءِ مخالفت ۾ پلجندڙ انتقام ايڏوبدبودار ٿي ويو آهي جو هڪٻئي کي هارائڻ لآءِ مدمقابل ڀوتار جهڙوڪ ڪنهن محاذ تي ويٺل جنگجو هجن. هڪٻئي جا سياسي مخالف نڪ جي پڪائيءَ سان هڪٻئي جا پرڻا مرڻا به کائيندا آهن پر هو ڊگهي عرصي واري جنگ هر محاذ تي وڙهندا ئي رهندا آهن. سندن رانڀوٽن جو شڪار هميشه غريب ۽ بي پهچ عوام رهيو آهي. اقتداري مافيا ايترو ڪري پئي آهي جو هر انتقام سياسي حريف کان ڪڏهن ڪونه وٺي مخالف ووٽر بقول عمران خان جي سندس جي بندوق جي نشست تي هجي ٿو. تازو قمبر جي ضلعي ڪائونسلر جي نگراني ۾ ايم پي اي ڀوتار جو لڪايل سامان ڇاپي ۾ پڪڙجي پيو. ان جي دفاع ۾ سنڌ جي قانونساز اداري جا ٻه چونڊيل ميمبر ميدان تي نڪري پيا جن سنڌ سرڪار تي الزام مڙهي ڇڏيا. اهو ئي حال آ. اسان گهڻو اڳتي نٿا وڃون، شڪارپور ضلعي سميت سنڌ جي سياست وڏيرا شاهي جي روزي ڪنهن نه ڪنهن مصيبت جو انتظار ڪندي آهي. جيئن ئي برسات پوندي همراهه ڪراچي، اسلام آباد جا ڪشادا پڌر ڇڏي پنهنجي شهرن جو رخ ڪندا آهن. چار پنج ڏينهن اهڙا فلمي سين ڏيکاريندا جو واهه واهه ٿي ويندي جيڪو ڪم صفائي عملي جو هوندو آهي ڪوشش ڪندا، پاڻ شڪارپور جي هڪ وارڊ جي چونڊيل ڪائونسلر کي ڪورونا دوران ميونسپل ڪميٽي روزانو 5000 هزار ملندا هئا ته جيئن هو ڊيلي ويجز تي مزدورن کان صفائي ڪرائي ليڪن ڪائونسلر صاحب لڪڙو کڻي پاڻ صفائي ڪندو هو ته جيئن پئسا بچائي اڄ ان ڪائونسلر نما سياستدانن کان عوام به پراميد آهي ته هو اسان جي مدد ڪندو.

برساتن نه صرف فصل تباهه ڪيا بلڪه ماڻهن جا جهوپڙا به لڙهي ويا، جيڪي اڄ ڪنهن مسيحا جا منتظر آهن. اڪثر ٻوڏ متاثرن جي پهرين کان اها ئي گهر هئي ته اسان کي راشن جي ضرورت ناهي صرف ٽينٽ ترپال ڏيو پر انهن جي ڪنهن به اڄ تائين ناهي ٻڌي. ڊي سي شڪارپور سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏيل طور هڪ جآءِ تي ويهاري چيو توهان کي اسان راشن ڏيون ٿا ورهايو ٽينٽ ناهن گهرائي ڏيو پئسا آءِ ادا ڪندس. ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي شهريار خان مهر انڪار ڪندي چيو ته امدادي سامان توهان ورهايو اسان ڀرپور تعاون ڪنداسين باقي اسان ڪوبه سامان نه وٺنداسين ته جيئن متاثرن وٽ ميرٽ تي امداد پهچي سگهي. في يوسي 300 راشن بيگ ڏنا پئي ويا جنهن ۾ ڪل سامان 2500

تائين جو آهي باقي خير. هاڻي ڪير ڪڇي به نٿو سگهي ڇو ته انهن جي سامهون سڀ ڪجه طئه ٿيل هو. هاڻي واويلا ان پاليسيءِ جي ابتڙ آهي ان ڪري اسان سمجهون ٿا صرف شڪارپور ضلعي ۾ ماڻهن جا ڪروڙين روپيا لڙهي ويا آهن. اهي فصلن جي صورت ۾ آهن چوپائي مال جي صورت ۾ آهن يا وري پڪن ڪچن گهرن جي ڊهڻ جي صورت ۾ هجن انهن کي ڏيڻ حڪومت جي ڪابه واضع پاليسي ناهي. مهينو گذري ويو آهي پر اڃا تائين شهر ٻڏل آهن پاڻي ڊرين ڪرڻ لآءِ ڪوئي رستو ناهي زمينون پاڻي ۾ آهن. سارين جا فصل ته ويا پر هاڻي ڪڻڪ جي پوکائي به ناممڪن آهي. اهو الميو ڪنهن هڪ جڳهه تي ناهي جتي ڪٿي نظر اچي رهيو آهي. سنڌ جو وزيراعلي وس آهر ڪوشش ڪري پيو پر سندس جو ڪير به ٻانهن ٻيلي نٿو ٿئي. اهو ڪردار رهيو ته ٻوڏ متاثر ڊگهي عرصي تائين مصيبتن کي منهن ڏيندا جن جي بحالي ويجهڙائي ۾ ممڪن نظر نٿي اچي. سموري نااهلي جو ملبو سياسي ڀوتار بيورو ڪريسي تي اڇلائي پاڻ کي آجو ڪرائڻ چاهن ٿا. جن کان عوام ڀل پڇاڻو نه ڪري پر تاريخ سندن نااهلي کين ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

ابراهيم خليل جتوئي

رياست، سياست، تاريخي حادثا ۽ تڪرار  !

ملڪ ۾ رياست، سياست، تاريخي حادثا، قومي سانحا ،هاڻوڪي کليل سياسي ماحول ۾ اڄڪلهه تمام گهڻن بحثن ۽ عوامي ۽ سياسي جلسن ۽ ميڙاڪن جا موضوع بڻيل آهن. حڪومت ۽ ملڪ تي آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ ملڪ جو  اصل مالڪ ڪير؟  اهڙا آئيني ۽ قانوني معاملا آهن. ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ جو حق ڪنهن کي حاصل آهي ؟ وقت گذرڻ سان گڏ اهي سوال  وڌيڪ بلند آوازن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن ۽ ملڪ ۽ عوام ۾ بي چيني جو سبب ۽ وڌيڪ ڳڻتي واري صورت اختيار ڪري رهيا آهن. ملڪ ۾ اقتدار ۽ اختيارن جي ڇڪتاڻ، حڪومت ۽ ماتحت ادارن وارو آئين ۾ درج سرشتو ، ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته عملي طور تي مفلوج ٿي رهيو آهي ۽”جيڪو ڏاڍو سو گابو يا ڏاڍي جي لٺ کي سئو مٿا “  واري هلت جو وهنوار وڌي ويو آهي. ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ ضابطن ۽ اصولن جي ڪيتري حد تائين پابندي ٿي رهي آهي ۽ انهن تي ڪيتري حد تائين عملدرآمد ٿي رهيوآهي ؟ اهي اهڙا سوال آهن جن جا جواب هونئن ته سمورن ساڃهه وندن، قانوندانن، سياستدانن، سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين کي چڱي ريت معلوم آهن پر جڏهن ملڪ ۾صورتحال  مختلف رياستي ادارن ۽ حڪومت ۽ حڪمرانن ۾ ٽڪرآءِ واري صورت اختيار ڪري وڃي ته ان بعد سموري ملڪ ۾ ڳاڙهيون بتيون ٻرڻ لڳنديون آهن يقينن، هن وقت اسان جي ملڪ ۾ پڻ ڪجهه اهڙي قسم جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اسان جي ملڪ جي گذريل 75 سالن جي عرصي ۾ ملڪ ۾ حڪومت ۽  ماتحت ادارن ۽ انهن جون ذميواريون ادا ڪرڻ يا نه ڪرڻ وارا واقعا حادثن جي صورت اختيار ڪرڻ بعد وڏا سوال ۽ تمام اهم معاملا بنجي سامهون اچي ويا آهن اهي قدم بلڪل ملڪ سان ٿيل حادثن، سانحن ۽ هاڃيڪار نتيجن جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن. ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته، ملڪ کي عوامي قيادت ۽ اڳواڻڻ کان محروم ڪرڻ بعد  هاڻي22 ڪروڙ عوام سان ڀريل جهاز، جنهن ۾ ملڪ ۾ شامل سمورين قومن کي برپٽ ۽ رڻ ۾ روليو ويو آهي ۽  انهن کي پنهنجي بقآءِ ۽ جياپي جي جدوجهد پاڻ ڪرڻ لآءِ بي يار و مددگار ڇڏي ڏنو ويو آهي.

علي محمد ميمڻ/ ڪراچي

آئيني بحران ۽ ملڪ

جيتوڻيڪ دنيا جي نقشي تي نمودار جيترا ملڪ آهن اھي قانون ۽ قاعدن تي ٻڌل ھڪ باوقار سسٽم تحت ھلندا آهن. يقينن آئين سپريم قانوني ڍانچو آهي، جيڪو ملڪ ۽ عوام کي ھڪ اخلاق جي دائري اندر آڻي ٿو، جنهن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڇا نه ڪرڻ گهرجي؟ قومي مفاد ڇا آهن ؟ ملڪ جي پاليسين بابت به ڳالهائي ٿو ته ڪٿي ڪير وطن دوست ۽ ڪير غدار آهي جي ريڊ لائن ڏئي ٿو. آئين ھميش ھڪ رياست کي ھلائڻ ۾ ڪرنگهي جو ڪردار ادا ڪري ٿو جنهن ملڪ ۾ آئين نه آهي ان رياست يا ملڪ ۾ انصاف نالي لفظ جو ڪنهن ڊڪشنري ۾ ڪانسيپٽ به ڪو نه ھوندو آهي. 47 کان اڳ اوڻويھين صديءَ جي وچ ڌاري ٻه قومي نظريي جي بنياد تي الڳ وطن لاءِ جدوجهد شروع ٿي، جنهن ۾ ھندن ۽ انگريز حڪمرانن کي وائکو ڪيو ويو ته هندستان جا هندو ۽ مسلمان ٻه الڳ الڳ قومون آهن، جن جا ويس، اٿڻ ويھڻ، ريت رواج، رسمون ۽ سماجي ثقافتون پاڻ ۾ ڪڏهن به ملي نٿيون سگهن ۽ انگريز حڪمرانن آخرڪار ھندستان جي مسلمانن سامھون گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ انهن جي مطالبن کي مڃي ورتو. نيٺ اسان پاڪستاني ھئڻ جو لقب حاصل ڪري ورتو. پر پوءِ به اسان 1947 کان 1956 تائين يعني 9 سال تائين قانون کان محروم رھياسين. ڪافي مسئلن جي ڪري سسٽم کي مڪمل آئيني شڪل نه ملي سگهي. قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي تقريرن ۾ چٽو چئي چڪو ھو ته توھان سڀ آزاد آھيو توهان پنھنجي مندرن ۽ مسجدن ۾ وڃي سگهو ٿا توهان کي ڪنهن به قسم جي ڪابه روڪٿام نه  آهي ( مطلب نئين ٺھيل پاڪستان ۾ ڪو اھڙو قانون موجود ڪونه ھو جيڪو توهان کي يا توهان جي نابالغ ڀينرن جو زوري مذھب تبديل ڪري جيئن اڄ پيو ٿئي) ان وقت کان رياست تمام وڏي آئيني بحران مان گذرندي پئي اچي پر قانون جي بالادستي نه ھئڻ جي برابر آهي. اڄ جي پاڪستان ۾ ڪڏهن صحافت تي پابندي ته ڪڏهن زبان تي تالا، ڪڏهن ڀٽي جھڙي اعظيم اڳواڻ جي سربازار ڦاھي ڪڏهن بينظير جو سربازار قتل. قانون جا سرعام بخيا اڊيڙيا وڃن ٿا. جنهن جو اندازو توهان ام رباب جي فيملي جي قتل مان لڳائي سگهو ٿا يا ناظم جوکيو، دودو ڀيل ۽ ڀنڊ برادري جي چار پنج ٿيل قتلن مان ڪڏهن رات جو 12 وڳي ڪورٽ سڳوري کولجي ٿي، ڪڏھن رات جو 12 وڳي تائين اسيمبلين جا اجلاس ڪڏهن آءِ ايم ايف کي خوش رکڻ لاءِ  قرض جي خاطر ايڏي مھانگائي ڪئي ٿي وڃي جو عوام جون چيخون آسمان ٽوڙين ٿيون، ڪڏهن مس مينيجمنٽ ڪري منھنجي وطن جي مسڪينن کي ٻوڙيو وڃي ٿو پوءِ به منهنجا پيارا ملڪ ھي قوم قانوني ادارن کي قانون جي ھيٺ ڪم ڪندي ڏسي ٿي نه بلڪ پاڻ کي قانون کان بالا. قوم اميدون رکي ٿي ته ھڪ ڏينهن عوام جو ڏينهن ايندو ۽ توھان سڀني جي سازشن کي ڌوڙ ۾ ملايو ويندو.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو

پروفيسر ارشاد علي مانڊڻ جون تعليمي خدمتون !

سنڌ جي تاريخي ۽ کجين جي ضلعي خيرپور ميرس جي تعلقي ٺري ميرواهه سان تعلق رکندڙ پروفيسر ارشاد مانڊڻ ماٺيڻو ۽ کلڻو فزڪس جو ماھر استاد آھي. ڏکن ڏوجھرن سان جنگ جھيڙيندي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم ايس سي فزڪس 1988ع ۾ ڪئي. پاڻ صبح جو يونيورسٽي پڙھندا ھئا ۽ شام جو حيدرآباد ۾ پڙھائيندا ھئا. سندس والد تراب علي مانڊڻ پاڻ پرائمري استاد ھئا، تنھن وقت م شام جو روز تعليمدان سياسي سماجي اڳواڻ سائين ڪرم حسين وساڻ سان تعليمي ۽ سياسي ڪچھريون ڪرڻ ايندا ھئا. ان زماني ۾ اسان کي سائين ڪرم حسين وساڻ ڪتاب ڏيندو ھو ۽ وري پڇندو ھو ته ڪتاب پڙھي ٻڌايو ته ڇا حاصل ڪيو؟ اسان ۾ ڪتاب پڙھڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ بابا سائين ۽ انھن جي دوستن علمي دوستن جي صحبت ۾ رھڻ سان تعليم پرائڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ تعليمي سفر کي جاري ساري رکيو.  پروفيسر ارشاد مانڊڻ ننڍڙي ڳوٺ مان نڪري نه صرف پاڻ تعليم حاصل ڪئي پر پنھنجي ڀائرن، مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي جي غريب شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. پاڻ ليڪچرار کان ايسوسئيٽ پروفيسر ۽ گورنمينٽ سپرئير سائنس ڪاليج جو بھترين پرنسيپل آھي جنھن صرف تعليم کي ئي ترجيع ڏني آھي. پر پنھنجي نياڻين کي تعليم جھڙي زيور سان به نوازيو آھي ۽ اھي به پيغمبري پيشي سان وابستا آھن ۽ نياڻين کي به تعليم ڏئي رھيا آھن. پروفيسر ارشاد چواڻي ته تعليم سان ئي ترقي ممڪن آھي جھالت کي تعليم سان ئي ختم ڪري سگھجي ٿو. اسان جي سنڌ صوبي جي ليٽريسي ريشو سيڪڙو36 کان وڌيڪ نه ھجڻ جا ڪيترائي سبب آھن . ڪاپي ڪلچر سفارش اقروباپروري ۽ سھولتون نه ھجڻ ۽ ٻيا ڪافي مسئلا تعليم جي حاصلات ۾ گهٽتائي جا سبب آهن پروفيسر ارشاد علي مانڊڻ سپرئير سائنس ڪاليج م شاگردن کان ٽيسٽ وٺڻ جو نظام شروع ڪيو آھي ته جئين شاگرد ڪاپي نه ڪن ۽ ڊاڪٽر ۽ انجنئير ۽ سٺا انسان ٿين. اھڙا استاد پنھنجي ڪردار ۽ تعليمي خدمتن سان ئي سڃاتا وڃن ٿا. ارشاد علي مانڊڻ جون تعليمي خدمتون ساراهه جوڳيون آھن.

ساگر شفيق وساڻ /ڳوٺ جھنگو وساڻ

++++++++++++++++++

 

آءِ بي اي پاس اميدوارن سان انصاف ڪريو!!

 

سنڌ حڪومت پاران جڏھن آءِ بي اي سکر جي طرفان استادن جي ٽيسٽ ورتي وئي ھئي تڏھن 60 سيڪڙو پاسينگ ريشو رکيو ويو ھو، جنھن کان پوءِ جڏھن وڌيڪ اميدوار فيل ٿي ويا تڏھن سيٽون بچڻ جي صورت ۾ انھي پاليسي ۾ نرمي ڪري 40 سيڪڙو تي استادن جي ڀرتي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جڏھن اھا پاليسي جوڙي ھئي تڏھن کين اھا پاليسي 33 سيڪڙو تي جوڙڻ کپندي ھئي ڇاڪاڻ ته آئون سمجھان ٿي ته 33 کان 40 سيڪڙو وارن جي ڀيٽ ڪرائبي ته انھن جي قابليت ھڪجھڙي نظر ايندي. پر پوءِ به ائين نه ڪيو ويو تنھن ڪري 33سيڪڙو مارڪون کڻندڙ نياڻيون ۽ ڇوڪرا مھينن کان مسلسل احتجاج ڪندي نظر اچن ٿا. سنڌ جي مخلتف ضلعن جا اميدوار 33 کان 39 مارڪون رکندڙ ڇوڪرن ڇوڪرين پاران جڏھن مسلسل 25 ڏينھن ڪراچي ۾ بک ھڙتال ڪئمپ لڳائي وئي ھئي تڏھن به حڪومت کين ڪو مان نه ڏنو. ھينئر به سنڌ جي تعليم جو وزير جتي به وڃي ٿو اتي 33سيڪڙو يا ان کان وڌ مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوار کيس ڦري اچن ٿا پر ان جي باوجود ھو ڪو وقتائتو فيصلو ناھن ڪري سگھيا. ڏٺو وڃي ته ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ جيڪڏھن 33 سيڪڙو تي پاس ڪري سگھجي ٿو ته پوءِ حڪومت جي ھي ھَٺ ڌرمي آخر ڇو آهي؟ سنڌ جا غريب نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جن جو پرزور مطالبو آھي ته مھرباني ڪري سڄي سنڌ کي 33 تي پاس ڪرڻ جو سرڪاري نوٽيس ڪڍيو وڃي. کين پاس قرار ڏئي کين آفر آرڊر جاري ڪري ڏنا وڃن ڇو جو 33 سيڪڙو کان 39 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن جي پنھنجي انصاف خاطر ٺھيل تحريڪ به ھر روز زور وٺي رھي آھي تنھن ڪري منھنجي تعليم جي وزير ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد سردار شاھ کي گذارش آھي مھرباني ڪري گريجوئيٽ جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ غريب اميدوارن مان مايوسي ختم ڪئي وڃي ڪافي ضلعن ۽ تعلقن کي ھارڊ ڄاڻائي 33سيڪڙو تي پاس ڪيو ويو آھي. ڏٺو وڃي ته ھن وقت سڄي سنڌ جي حالت سخت کان سخت آھي سڄي سنڌ ھارڊ ايريا بڻجي وئي آھي تنھن ڪري مخصوص علائقن سان گڏ سموري سنڌ کي ھارڊ ايريا قرار ڏيڻ ۽ پاس ڪرڻ سنڌ حڪومتي جي ذميواري بڻجي ٿي.

 

پِرھ شھباز