لانگ مارچ ڪيترو پرامن هوندو؟

0
218
لانگ مارچ ڪيترو پرامن هوندو؟

ڊي جي آءِ ايس پي آر سان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي گڏجي پريس ڪانفرنس ڪرڻ واري ڳالهه غير معمولي نوعيت اخيار ڪري ورتي آهي، هن پريس ڪانفرنس ۾ اهڙي لقاءَ رڳو صحافين کي ئي نه پر خود ڊي جي آءِ ايس آءِ کي به اهو چوڻ تي مجبور ڪيو ته توهان اڄ مون کي ڏسي حيران ٿيا هوندا، باوجود ان جي جو ڊي جي آءِ ايس آءِ پنهنجي پريس ڪانفرنس جي هر پاسي کان وضاحت ڪئي پر پوءِ به صحافين سندس هئڻ بابت سوال جام ڪيا، هڪ صحافيءَ کيس چيو ته هو سينيئر رپورٽر آهي، هن ڪڏهن به ڪنهن ڊي جي آءِ ايس آءِ کي پريس ڪانفرنس ڪندي ناهي ڏٺو. جنهن جڳهه تي ڊي جي آءِ ايس پي آر سان گڏجي ڊي جي آءِ ايس آِءِ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو اهو راولپنڊي جو جي ايڇ ڪيو آهي، ان  جي ايڇ ڪيو واري علائقي کي مان به ان ڏينهن کان رپورٽ ڪندو رهان ٿو جڏهن جي ايڇ ڪيو تي حملو ٿيو هو، ان سڄي رات اسان اهڙي واقعي کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ اتي ئي موجود هئاسين، انهن ڏينهن ۾ اظهر عباس ڊي جي آءِ ايس پي آر هو، دهشتگرديءَ جي حوالي سان اهي خطرناڪ ڏينهن هئا، انهن ڏينهن کان هنن ڏينهن تائين سوين ڀيرا مختلف حوالن سان ان علائقي ۾ ايونٽ اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ويندا رهندا آهيون پر ڊي جي آءِ ايس آءِ ڪڏهن به  به ايئن پريس ڪانفرنس يا ايونٽ جو حصو ناهي بڻيو سندس موجودگي بذات خود هڪ وڏي خبر ٿي وئي آهي، سندس موجودگيءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي حوالن سان بحث ٿي رهيو آهي.

هن پريس ڪانفرنس جي ختم ٿيڻ کان پوءِ وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس جو اهڙو سلسلو شروع ٿيو جيڪو شام تائين هلندو رهيو، خواجه آصف پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر پريس ڪانفرنس وفاقي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کان پوءِ ڪئي آهي، خواجه آصف ان پريس ڪانفرنس کي جنهن انداز سان ڏسي رهيو هو ان جو مقصد اهو هو ته پاڪ فوج جي قيادت بذات خود اچي اهو اعلان ڪيو آهي ته هنن جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، جڏهن ته ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجھه ٿيو ان تي پنهنجي غلطيءَ کي تسليم ڪيو ويو آهي، خواجه آصف جو چوڻ هو ته مون پنهنجي قومي اسيمبليءَ جي خطاب ۾ سردار اختر مينگل جي تقرير جي جواب ۾ چيو هو ته اسان سياستدانن کان به فاش غلطيون ٿيون آهن، هر اداري کان غلطيون ٿيون آهن. راڻا ثناءُ الله جڏهن پريس ڪانفرنس ڪرڻ آيو ته ان چيو ته ستر سالن کان اسان سياستدانن ڪوڙا کاڌا، جيل ڀوڳيا ڇا جي لاءِ اسان جو مطالبو هوندو هو ته فوج پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري، اڄ جڏهن اها ڳالهه فوج جي قيادت پاڻ اعلان ڪري رهي آهي ته ان کان وڌيڪ خوشي جي ٻي ڪهڙي ڳالهه آهي.

هي سڀ پريس ڪانفرنسون ان وقت ٿي رهيون هيون جڏهن صحافي ارشد شريف جي جنازي نماز ادا ٿي رهي هئي، جنازي نماز ۾ ڪيترا ماڻهو شريڪ هئا، ان سوال کي ڇڏيون ٿا پر ٻئي پاسي ميڊِيا تي اسلام آباد کان لاهور تائين پريس ڪانفرنسن جي ڪري ارشد شريف جي جنازي نماز کان وڌيڪ بحث جو موضوع انهن پريس ڪانفرنس جي اندر ٿيل بحث جي ڪري ٿيندو رهيو، خود اهو سوال به ٿيو ته عمران خان ايترن ڏينهن کان چئي رهيو هو ته هو جمعي تي لانگ مارچ جو اعلان ڪندو ته هن اڱاري تي اهڙي لانگ مارچ جو اعلان ڇو ڪيو جنهن جو آعاز جمع تي ٿيڻو آهي، ان جو مقصد اهو آهي ته عمران خان وارن محسوس ڪيو آهي ته ارشد شريف جي واقعي جي ڪري جذبات ڀڙڪيل آهن، انهن کي استعمال ڪجي، جڏهن هڪ ڏينهن اڳ تائين به سوال اهو نه هو ته ارشد شريف ڪيئن ڪينيا ۾ ماريو ويو پر سوال اهو هو ته جيڪڏهن ملڪ اندر حالتون ڏکيون نه هجن ها ته ارشد شريف ملڪ ئي نه ڇڏي ها. اهو سوال به هو ته ارشد شريف کي ڪنهن مجبور ڪيو ته هو ويزا ختم ٿيڻ کان پوءِ دبئي کان ڪينيا  وڃي جنهن جو مقصد اهو هو ته عمران خان جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ آيل حڪومت ارشد شريف لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪيو جنهن جي ڪري هو ڪينيا ويو.

هن سڄي معاملي ۾ رڳو شهباز شريف جي حڪومت تي ئي تنقيد نه پئي ٿي پر اسٽيبلشمينٽ تي به سوال اٿاريا پئي ويا ته عمران خان ته اهو به چيو هو ته هن کي به خبر هئي هن ئي ارشد شريف کي ٻاهر وڃڻ جو مشورو ڏنو هو، هڪ ڏينهن جي فرق سان بيانيو ئي تبديل ٿي چڪو آهي. ڪالهه تائين عمران خان اهڙو بيانيو جوڙيو جنهن مان لڳو ته شهباز شريف حڪومت وارن ارشد شريف خلاف ماحول جوڙيو پر اهينر هڪ ڏينهن جي فرق سان اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پريس ڪانفرنس اهي سوال اٿاريا آهن.ارشد شريف  جي حوالي سان خيبرپختونخوا حڪومت جيڪو الرٽ جاري ڪيو اهو وفاقي حڪومت سان شيئر ڇو نه ڪيو ويو، ان ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو ته اسلام آباد ۾ ئي ارشد شريف کي قتل ڪرڻ جي پلاننگ ٿي رهيون آهن ته پوءِ اها انفارميشن ڇو ذڪر نه ڪئي وئي. ارشد شريف خيبرپختونخوا  جي وڏي وزير جي ڏنل پروٽوڪول ۾ ايئرپورٽ پهتو جتان دبئي روانو ٿيو، ڪنهن به وفاقي اداري رڪاوٽ نه وڌي، اهو به سوال اٿاريو ويو ته ارشد شريف دبئي کان ڪينيا ڪنهن جي چوڻ تي ويو جنهن فارم هائوس تي هو اهو ڪنهن جو فارم هائوس آهي، ارشد شريف جي موت جي خبر پهريان ڪنهن ،ڪنهن کي ڏني، راڻا ثناءُ الله ته ايئن به پڇيو ته جيڪڏهن دبئي ويزا ختم ٿيندو آهي ته ان کي ڇا زبردستي پڪڙيو ويندو آهي، ايئن ڪنهن سان ٿيو آهي؟

معاملو رڳو ارشد شريف جي قتل تائين محدود ناهي رکيو ويو پر اهو به ٻڌايو ويو ته عمران خان جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي سربراهن سان ملاقات ڪري رهيو هو ان ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ دوران اها آفر به ڪئي ته جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت جو ساٿ ڏنو وڃي ته آرمي چيف جي مدي ۾ اڻڄاتل مدي تائين واڌ ڪئي ويندي، پر اسٽيبلشمينٽ جي سربراهن اها آڇ قبول نه ڪئي، ڊي جي آءِ ايس آءِ جو ته اهو سوال هو ته جنهن سان رات جي اونداهي ۾ ملاقاتون ڪيو ان کي ايڪسٽينشن ڏيو، ان جي تعريف  جا داستان بيان ڪيو پر ڏينهن جي روشني ۾ ان کي غدار مير جعفر ،جانور چئو اهو تضاد آهي.ڊي جي آءِ ايس آءِ مطابق ڳالهين جو نتيجو به منطقي انجام تائين ناهي پهتو، هن پريس ڪانفرنس کان پوءِ ته اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته اسٽيبلشمينٽ ڪهڙي پاسي بيٺي آهي، لانگ مارچ ڪرڻ وارن کي به اهو پتو پئجي ويو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي  حڪومت کي به اهو معلوم ٿي چڪو آهي، عمران خان ارشد شريف جي حوالي سان جيترو ماحول حڪومت خلاف جوڙيو آهي ايترو ئي ماحول سوالن جي صورت ۾ سندس پارٽيءَ جي فيصل واوڊا وارا به هن کان ڪري رهيا آهن. اهي واوڊا وارا چون ٿا ته لانگ مارچ به خوني ٿيندو.

هنن پريس ڪانفرنسن جو اثر عمران خان تي ناهي ٿيو، شروع ۾ چيو ويو ته عمران خان پريس ڪانفرنس ڪندو پر چوڌري فواد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عمران خان لانگ مارچ جي تيارين ۾ مصروف آهي، جنهن کان پوءِ تحريڪ انصاف وارن جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي، ان مان لڳو ته راولپنڊي جي پريس ڪانفرنس جو لاهور ۾ موجود تحريڪ انصاف وارن تي اثر ناهي ٿيو، هاڻي سوال اهو آهي ته عمران خان لانگ مارچ ۾ ڪيترا ماڻهو ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿو ٿئي، جنهن کان پوءِ سندس اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ وڃڻ ۽ نه  وڃڻ جو سوال ئي نه رهندو پر جيڪڏهن عمران خان سان ماڻهو نه نڪتا ته پوءِ تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ وارو ڪارڊ پڄاڻيءَ تي پهچي ويندو ان حوالي سان ته ريڊ زون جي حفاظت لاءِ فوج به طلب ٿيل آهي پر اصل سوال اهو به آهي ته ارشد شريف قتل ڪيس ۾ جاچ لاءِ عمران خان کي به گھرايو ويندويا نه ، ته ان کي ڪيئن خبر هئي ته ارشد شريف جي زندگيءَ کي خطرو آهي.